وزيراعظم عمران خان ڪماليه جي دوري ۾ ڪماليه يونيورسٽي سميت مختلف منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو

image
APP38-260322 KAMALIA: March 26 – Prime Minister Imran Khan unveiling the plaque at Ground breaking of Kamalia University. APP

اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪماليه جي دوري ۾ ڪماليه يونيورسٽي سميت مختلف منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم عمران خان ڪماليه، ضلعو ٽوبه ٽيڪ سنگهه جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو. ڪماليه ۾ وزيراعظم راوي درياءَ تي پل جي تعمير جو افتتاح ڪيو. فتيانه پل ڪماليه ۾ روانگي واپار ۽ زرعي جنسن جي ملز تائين پهچ جي مسئلن جو خاتمو آڻيندي. ان کانسواءِ وزيراعظم ڪماليه يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر کڻ رکيو. 2.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ڪماليه يونيورسٽي جي تعمير ٻن مرحلن ۾ ٿيندي. 45 ايڪڙ تي ٻڌل ڪماليه يونيورسٽي علائقي جي نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت سان ليس ڪندي. يونيورسٽي جي تعمير سان علائقي جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا حاصل ڪرڻ ۽ قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو اهم ۽ موثر ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis