اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪست??ن ان فلسطيني رياست جو خواهشمند آهي جيڪا 1967ع ک??ن اڳ هئي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس هو?? ان تي ڳڻتي ۽ ابهام جي ڪا گنجائش نه آ??ي، ڪشمير ت?? اسان جو موقف اهو ئي آهي جيڪو ماضي جي حڪومتن جو هو?? ان تي قومي اتفاق راءِ آهي، پارلياماني اتفاق راءِ جي لاءِ هڪ پارلياماني ڪشمير ڪميٽي ٺاهڻ وڃي رهيا ??هيون، ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي ڀارتي قدم کي پاڪستان تسليم نه ٿو ڪري، ڀارت جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبر بڻجڻ جو سوال ئي نه آ??ي، غيرمستقل ميمبر پاڪستان ۽ ڀارت 7، 7 ڀيرا رهيا ??هن هاڻي ڀارت جڏهن ته 2026ع ۾ پاڪست??ن اٺون ڀيرو غيرمستقل ميمبر جي مهم شروع ڪري رهيو آهي. قوم?? اسيمبلي ۾ خواجه محمد آصف پار??ن اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته آئون واضح طور تي چوان ٿو ته جن خدشن جو اظهار خواجه آصف ڪيو آهي انهن ۾ ڪا حقيقت نه آ??ي. اهو چيو ويو ته عرب ملڪن جي موقف ۾ تبديلي آئي آهي، پاڪستان مسلمان ملڪن جي اثر هيٺ اچي ڪٿي پنهنجي پاليسي تي نظرثاني نه ڪري رهيو هجي ته ائين هرگز نه آ??ي.