اسلام آباد – 22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ لاڪ ڊائون س??ن واڳيل حقيقتن طرف نشاندهي ڪئي آهي ۽ هو عوام کي ذميواري جو احساس ڏياري رهيو آهي، وزيراعظم ڏهاڙي تي ڪم ڪ??دڙ پورهيتن جي ڳالهه ڪئي آهي، نه ٿا چاهيون ته اهڙا قدم کڻون جنهن س??ن معاشي زن??گي رڪجي وڃي ڇو ته ان س??ن ٻيا بحران پيدا ٿيندا، وزيراعظم عوام کي آگاهه ڪيو آهي ته حڪومت پنهنجي ذميواري ادا ڪري رهي آهي، عوام به ذميواري جو مظاهرو ڪري، موجوده صورتحال ۾ عالم سڳورن جو ڪردار انتهائي اهميت رک??دڙ آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم جو واضح پيغام آهي ته روزاني جا معاملا ??لڻ گهرجن ته جيئن ماڻهن جا معمول جا ڪم متاثر نه ٿين.