اسلام ??باد – 12 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گئس ڪنيڪشنن تي لاڳو پابندي 6 سالن کانپوءِ هٽائي وئي آهي، ايل اين جي ۽ آر ايل اين جي کي سسٽم ۾ شامل ڪرڻ سان گئس جي کوٽ تي تمام گهڻي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي،. ڪيڊ واري مملڪتي و??ير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي مملڪتي و??ير مريم اورنگزيب ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 31 نقاطي ??يجنڊا تي تفصيلي بحث ٿيو ۽ ان جي منظوري ڏني وئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت پاران پهريون ڀيرو سبسڊائز هائوسنگ اسڪيم آندي پئي وڃي، هائوسنگ واري و??ير ان اسڪيم جي حوالي سان ڪابينا کي بريفنگ ڏني. ڪابينا هائوسنگ اسڪيم جي مختلف ڪيٽيگرين جو جائزو ورتو. وزيراعظم ان اسڪيم جي حوالي سان ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي آهي.