اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي خصوصي ماڻهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ ۾ مدد ڏيڻ جي ل??ءِ زندگي جي سمورن شعبن خاص طور تي تعليم ۾ انهن جي ل??ءِ هڪ جامع موقف اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سواءِ ڪجهه ذهني مرضن جي مختلف حوالن سان قابل معذور ٻارن کي ريگيولر اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ کانسواءِ انهن کي انهن جي صلاحيت ۽ مهارت موجب نوڪريون فراهم ڪرڻ گهرجن. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ 5 هين ”??ما??ي فالج ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي هن چيو ته جسماني ۽ ذهني طور تي معذور ٻارن کي معاشري پاران سارسنڀال ۽ همدرديءَ جي ضرورت هوندي آهي ۽ انهن کي ٻين ٻارن وانگر قبول ڪرڻ جي ل??ءِ پڻ تيار رهڻ گهرجي. صدر چيو ته ڪنهن جسماني معذوري يا ڏسڻ يا ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي ذهني صلاحيت ٻين ماڻهن جي برابر هوندي آهي ۽ ان لاءِ انهن کي بهتر طريقي سان ڪم ڪرڻ ۾ مدد جي ل??ءِ معاشري جي تعاون جي ضرورت آهي. صدر جسماني ۽ ذهني ??مزورين جو شڪار ماڻهن سان همدرديءَ جو مظاهرو ڪرڻ جي ل??ءِ معاشري ۾ شعور بيدار ڪرڻ تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ??ما??ي مرض سان واڳيل شين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته خاتون اول ثمينه علوي آگاهي مهم جي ذريعي عوامي جاين تي خصوصي ماڻهن جي ل??ءِ سهولتن جي فراهمي سميت انهن جي ڀلائي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجي بهترين ڪوشش ڪئي آهي. صدر ع??رف علوي چيو ته علاج جي ل??ءِ ڊاڪٽرن جي تربيت تمام ضروري آهي، ٽيڪنالاجي جي مدد سان سٺي پيشيواراڻي تربيت سان صحت جي ماهرن کي مختلف معذورين جي شڪار ماڻهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ياد ڏياريو ته ملڪ جي ڏسڻ کان محروم سفارتڪار صائمه سليم گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي موثر نمائندگي ۽ بريل جي ذريعي تقرير ڪئي. هن غذائي کوٽ، اسٽنٽنگ ۽ ويم دوران موت جي شرح کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ احتياطي علاج تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ عوامي آگاهي ۽ مڊ وائيف جو ڪردار اهم آهي. هن يقين ظاهر ڪيو ته ڪانفرنس ??ما??ي فالج بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. ان موقعي تي پاڪستان اڪيڊمي آف سيريبرل پالسي جي صدر پروفيس?? جاويد اقبال چيو ته ??ما??ي فالج هڪ هزار مان ٻن ٻارن کي متاثر ڪري ٿو ۽ ڪيترن ئي جسماني، ذهني ۽ ٻين مسئلن جو سبب بڻجي ٿو. هن چيو ته اڪيڊمي جو مقصد ??ما??ي فالج جي شڪار ٻارن کي خدمتن ۽ نگهداشت فراهم ڪرڻ ۾ مواصلات ۽ ٽيم ورڪ کي بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ بين الضابطه فورم بڻائڻ آهي. پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد نعيم ملڪ چيو ته پمز پنهنجي وجود ۾ اچڻ سان ئي ماڻهن کي علاج جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي ۽ ساليانو اٽڪل 10 لک ماڻهو اسپتال ۾ علاج ڪرائين ٿا. ان موقعي تي ??ما??ي فالج جي شڪار ٻارن ان مرض ۾ مبتلا هڪ ٻار جي ڳايل گيت تي ٽيبلو پيش ڪيو. صدر ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ غيرملڪي نمائندن ۾ تعريفي شيلڊز ورهايون. ڪانفرنس ۾ روس، برازيل، هالينڊ، سريلنڪا، مصر ۽ گڏيل عرب امارات جي نمائندن شرڪت ڪئي.