اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ نسلن کي ماحولياتي تبديلي?? جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ وڻڪاري کي قومي نصب العين بڻائڻ جي ضرورت آهي، هلندڙ بهار جي موسم ۾ ملڪ گير وڻڪاري مهم هلائي ويندي جنهن ۾ 24 ڪروڙ کان وڌيڪ وڻ لڳايا ويندا، زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو وڌي چڙهي ان مهم ۾ حصو وٺن، عالم سڳورا عوام ۾ ان حوالي سان شعور اجاگر ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??هار جي موسم جي وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم ٻوٽو هڻي هلندڙ بهار جي موسم جي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري ر??ما??، تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان سڄي پاڪستان ۾ وڻڪاري مهم 2023ع جي شروعات ڪري رهيا آهيون، هلندڙ سال بهار جي موسم ۾ ملڪ گير وڻڪاري مهم هلائي ويندي جنهن ۾ 24 ڪروڙ کان وڌيڪ وڻ لڳايا ويندا، ان سڄي منصوبابندي ۾ اسا?? جي موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري ر??ما?? ۽ سندس ٽيم خصوصي دلچسپي ۽ محنت آهي، پاڪستا?? جي ڪل ايراضي جي ڀيٽ ۾ ٻيل?? جي شرح رڳو 5.45 سيڪڙو آهي، اسان کي ان کي هنگامي بنيادن تي وڌائڻو پوندو، 2015ع ۾ نيشنل فارسٽ پاليسي جو ڪريڊٽ منهنجي قائد اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ڏانهن وڃي ٿو ۽ ان کانپوءِ پاڪستان ۾ ٻيل?? جي بحالي جي نئين سر شروعات ڪئي وئي ان ۾ ڪا ٻي راءِ نه آهي ته ٻيلا ماحول کي تبديل ڪن ٿا ۽ ڪنهن ??ه معاشري ۽ ملڪ جي لاءِ انهن ??و هڪ اهم ڪردار آهي، صحتمند ماحول ۽ بي شمار منفي اثرن کان بچاءُ ۾ ٻيلا وڏو اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ٻيل?? جي اهميت کي اڃا به وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي، تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، 30 ارب ڊالر جو اسا?? جي معيشت کي نقصان پهتو، پاڪستان ۾ وڻڪاري کي قومي نصب العين بڻائڻ جي فوري ضرورت آهي، اسان کي ايندڙ نسل?? جي مستقبل کي ماحولياتي تبديلي جي منفي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ قومي سطح تي نه رڳو عملي قدم?? جي ضرورت آهي پر تعليمي ادارن ۾ به ا?? جي آگاهي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي سول سوسائٽي، وڪيلن ۽ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي فردن ۽ اجتماعي گذارش آهي ته ان مهم ۾ اهي وڌي چڙهي حصو وٺن، عالم سڳورا به مدرسن ۾ وڻ?? جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان قدم کڻن، نبي ڪريم ﷺ جي زندگي ۽ حديثن مان اسان کي وڻ?? جي اهميت بابت تمام گهڻا مثال ملن ٿا، جنگ جي صورت ۾ به ميويدار وڻن کي وڍڻ منع ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ شهري آباديون ڪنڪريٽ جو جهنگ بڻجندي??ن پيون وڃن، اسان کي شهرن ۾ به وڻن ۽ گرين ايرياز جي انگ ۾ اضافو ڪرڻو پوندو ۽ برائون ايرياز کي جيترو گهٽ ڪري سگهون ايترو ماحول جي لاءِ تمام سٺو هوندو. ا?? جي لاءِ قوم کي اپيل ڪندس ته اها هن وڻڪاري مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي ۽ اچو اسان سڀ گڏجي پنهنجي ايندڙ نسلن جو مستقبل سنواريون ۽ پاڪستا?? جي عوام جي خدمت جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي اسان مڪمل ۽ اجتماعي طور تي وقف ڪريون.