اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي چونڊن بابت مشاورت جي ل??ءِ 20 فيبروري 2023ع تي ايوان صدر ۾ هنگامي اجلاس جي دعوت ڏني آهي. اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 57 (1) تحت صدر عام چونڊن جي تاريخ يا تاريخن جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان مشاورت کانپوءِ ڪندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي پنهنجي خ?? ۾ ??در چيو ??ه سندس 08 فيبروري جي خط کانپوءِ ان معاملي تي ل??هور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۽ سپريم ڪورٽ جي تازي مشاهدن جهڙي ڪجهه اهم اڳڀرائي ٿي آهي. صدر پنهنجي پهرين خ?? ۾ ??ليڪشن ڪميشن پاران جواب نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ??ه هو بي چي??ي سان انتظار ڪري رهيو هو ته ڪميشن پنهنجي آئيني فرض جو احساس ڪندي ۽ ان موجب ڪم ڪندي. هن چيو ??ه ان اهم معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي افسوسناڪ رويي سان انتهائي مايوسي ٿي آهي. پنهنجي خ?? ۾ ??در چيو ??ه آئين جي تحفظ ۽ دفاع جي پنهنجي آئيني ذميواري جو احساس ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر کي 20 فيبروري 2023ع تي پنهنجي آفيس ۾ چونڊن تي مشاورت جي ل??ءِ هنگامي ملاقات جي ل??ءِ گهرايان ٿو.