اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏ??ل عرب امارات جي ص??ر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ٿي. گڏ??ل عرب امارات جي ص??ر 2 بلين آمريڪي ڊالر جي موجوده قرض کي رول اوور ڪرڻ ۽ هڪ بلين آمريڪي ڊالر اضافي قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چيو ته ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ هر سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا ۽ باقاعده ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي اتفاق ڪيو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي ص??ر شيخ محمد بن زايد النهيان کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت به ڏني، جنهن تي هن رضامندي ظاهر ڪئي، دوري جي تاريخن جو فيصلو سفارتي ذريعي ڪيو ويندو.