اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس وين تي دهشتگردن جي حم??ي جي شديد مذمت ڪئي آهي، جنهن ۾ 6 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قوم ملڪ تي جانيون قربان ڪندڙ فر??ندن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن ۽ سمورا پاڪستاي دهشتگردي جي خلاف شيهي جي ديوار ثابت ٿيندا. پوليس دهشتگردي جي خلاف هر اول دستي جو قابل فخر ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ ??ون??يرن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت شهيدن کي اعزاز ۽ شهداءِ پئڪيج ڏي.