نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ پاڪستان جي ??ستقل مشن ۾ نوجوان پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي ??يزباني ڪئي. ڪئناڊا، جمهوريه چيڪ، هنگري، آئس لينڊ، ليٿوانيا، ليڪٽن اسٽائن، پاناما، قطر ۽ سربيا جي ??رڏيهي وزيرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير انسانيت کي درپيش موجود ۽ مستقبل جي چئلينجن تي روشني وڌي. هن سڀني جي ??اءِ سلامتي، امن ۽ هم آهنگي جي ضمانت رکندڙ مستقبل جي عالمي ??ظام جي جوڙجڪ جي ??اءِ ڇهه نقاطي ايجنڊا جو خاڪو پيش ڪيو. اهو موسمياتي تبديلي، فني ۽ سائنسي ترقين، ماحول دوست نوڪرين، جديد سپلائي چينز، بحرانن ۽ هنگامي حالتن کان متاثر عالمي ??عيشت، پرامن گڏيل بقاءَ ۽ تڪرارن جو حل، مستقبل ۾ ممڪن وبائي مرضن ۽ مضبوط گهڻ رخي تعاون جي ضرورت جهڙن چئلينجن جو احاطو ڪندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ??وجوانن بابت خصوصي ايلچي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ نوجوانن جي ??نهنجي ??ستقبل جي جوڙجڪ جي عمل ۾ ڀرپور شرڪت بابت سيڪريٽري جنرل جي خيالن کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزيرن متفق ۽ پرزور طريقي سان پرڏيهي وزير جي ??دم جي آجيان ڪئي ۽ انهن مسئلن جو خاڪو پيش ڪيو جن کي هو دنيا جي ??ومن جي ??ستقبل جي ??اءِ اهم سمجهي ٿو. هن موجوده چئلينجز بشمول سياسي، سيڪيورٽي، اقصادي، انساني حقن ۽ ماحوليات ۽ گڏيل اعتماد ۾ کوٽ، انساني رابطن، نوجوانن کي درپيش مسئلن ۽ عالمي تعاون ۾ کوٽ جو ذڪ?? ڪيو. شرڪت ڪندڙن ۾ عام اتفاق هو ته هي نئون پليٽ فارم هڪ ??ان??ار قدم آهي جنهن جي آجيان ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير آخر ۾ ميٽنگ دوران ظاهر ڪيل قيمتي خيالن کي نوٽ ڪيو جيڪي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران تجويز ڪيل ”مستقبل جي ??عاهدي“ جي جوڙجڪ ۾ غور فڪر جي ??اءِ معلومات فراهم ڪندا. بحث جو خلاصو سمورن شريڪ وزيرن کي موڪليو ويندو ۽ ب??د ۾ گڏيل قومن جي ??يمبر ملڪن ۽ ٻين ڌرين سان شيئر ڪيو ويندو.