اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) ماسڪو ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ پاڪستان جي يوم آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي ??ي موقعي تي تقريب منعقد ڪئي وئي. روس ۾ پاڪستان جي سفير شفقت علي ??ان جهنڊو ڦڙڪايو. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي. ڊپٽي هيڊ آف ميشن رانا ثمر جاويد ۽ ٿرڊ سيڪريٽري محمد طيب صدر مملڪت ۽ وزيراعظم پاڪستان جو يوم آزادي جي حوالي ??ان پيغام پڙهي ٻڌايو. تقريب ۾ ملي نغما به پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي سفير چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري آئي آهي، روس س??ن لاڳاپ?? کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان ڪميونٽي جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته روس س??ن لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو ترجيحي حصو آهي. هن چيو ته روس س??ن لاڳاپن جي هٿي ڏيڻ ۾ اسان جي ڪميونٽي جو اهم ڪردار آهي. ان موقعي تي پاڪستان جي 75 هين سالگرهه جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو.