راولپنڊي – 13 – آگسٽ (اي پي پي) راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ ??نڊسٽري جي صدر نديم رئوف آزادي جي ڏهاڙي جي 75 ه??ن سالگرهه ۽ ڊائمنڊ ??وبلي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي هڪ قوم بڻجي پاڪستان جو مستقبل سنوارڻو پوندو، نئين دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح ۽ مفڪر پاڪستان علامه محمد اقبال جي تصورن جي روشني ۾ عزم، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط سان پاڪستان کي هڪ مضبوط معاشي قوت بڻائينداسين. هن چيو ت?? واپاري برادري ملڪ جي ترقي لاءِ عملي قدم کڻندي، واپاري برادري پاڪستان ٺاهيندڙن ۾ شامل آهي ۽ ا?? جي بقاءَ ۽ سلامتي جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻايو ويندو، اسان کانپوءِ آزاد ٿيندڙ ملڪ اقتصادي ۽ صنعتي ترقي ۾ اسان کان تمام گهڻو اڳتي نڪري ويا آهن.