اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ ??وج?? جوانن جي قافلي تي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اتر وزيرستان ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ 4 جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائي?? پوري قوم متحد ٿي ان جو مقابلو ڪندي رهندي ۽ دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي سان مقابلو ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ انهن جوانن کي مون سميت پوري قوم خراج تح??ين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪ??ي ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.