فيصل آباد – 01 – آگسٽ (??ي پي پي) مرڪزي علماءَ ڪائونسل پاڪستان جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ تي ڀارتي قدمن تحت ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خلاف ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو. ان موقعي تي سمورن شهرن ۾ احتجاجي تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن جو مقصد نه رڳو ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ پر عا??مي دنيا کي باور ڪرائڻ آهي ته ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي کي فوري حل ۽ اتي ڀاريت فوج جون غاصباڻيون ڪارروايون فوري رو??يون وڃن. ختم نبوت اسلامڪ ريسرچ سينٽر ويجهو جامع مسجد گول فيصل آباد ۾ عا??من جي وفد سان ملاقات ۾ مرڪزي عا??م ڪائونسل پاڪستان جي چ??ئرمين صاحبزاده زاهد محمود قاسمي چ??و ته هو نه رڳو 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي پرزور مذمت ڪريون ٿا پر عا??مي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڪشمير جي مسئلي کي انساني ۽ عا??مي حقن جي ڏس ۾ ڏسي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي غيرتمند ڪشميرين جو حريت جو جذبو ختم ڪرڻ جي لاءِ هر حربو استعمال ڪري ورتو پر اهي انهن جي آزادي جو جذبو ۽ شوق شهادت ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ڪري سگهيا. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون بدترين پائماليون ۽ خلاف ورزيون ڪيون پيون وڃن پر دنيا جون سموريون ننڍيون وڏيون طاقتون ان تي خاموش آهن جيڪو انتهائي مذمت جوڳو فعل آهي.