اسلام ??باد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪابينا جي قومي سلامتي ڪميٽي جو 38 هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ واشن??ٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران ملندڙ ٽيلي گرام ??ي غور ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، راڻاءُ ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، احسن اقبال، مملڪتي وزير حنا رباني کر، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايدمرل محمد امجد خان نيازي، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر، آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير اسد مجيد ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي واشن??ٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران ملندڙ ٽيلي گرام ??ي غور ڪيو. اڳوڻي سفير اسد مجيد ڪميٽي کي پنهنجي ٽيلي گرام ??ي مواد بابت بريفنگ ڏني. قومي سلامتي ڪميٽي مواد ۽ ڪميونيڪيشن جي جاچ کانپوءِ قومي سلامتي جي گذريل اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي کي پريميئر سي??يو??ٽي ايجنسيز ٻيهر ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته انهن کي ڪنهن سازش جو ڪو ثبوت ناهي مليو. قومي سلامتي ڪميٽي ڪميونيڪيشن جو جائزو ۽ سي??يو??ٽي ايجنسين پاران ملندڙ جائزن ۽ پيش ڪيل نت??جن مان اهو نتيجو اخذ ڪيو ته ڪا غيرملڪي سازش ناهي ٿي.