اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف پشاور موڙ کان ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي هڪ سادي ۽ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز ش??يف تختي جي نقاب ڪشائي ڪري منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. 26.5 ڪلوميٽر ان ميٽرو بس منصوبي سان جاڙن شهرن کانسواءِ ??ين شهرن مان ايندڙ هز??رين شهري پڻ فائدو کڻندا. تقريب ۾ ترڪيءَ جي سفير کانسواءِ چيني سفارتخاني جو ڊپٽي هيڊ آف مشن پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف وز??رت عظميٰ سنڀاليندي ئي ميٽرو بس منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.