اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته ماضي ۾ بي اعتمادي رٿ ۾ نوٽن جون ٻوريون متعارف ڪرائڻ ۽ ضمير جون منڊيون لڳائيندڙ نواز شريف ۽ زرداري ??ارس ٽريڊنگ کي عروج تي پهچايو ۽ مشهور اصطلاح ڇانگا مانگا جي سياست متعارف ڪرائي، هاڻي جيڪا بي اعتمادي رٿ آندي وئي آهي، ا?? جو مقصد ئي اهو آهي ته ٻولي لڳايو، ميمبر کنڀيو ۽ ڇانگا مانگا کڻي وڃو پر هاڻي انهن وٽ نه ئي ڇانگا مانگا آهي ۽ نه ئي ميمبرن جا ضمير وڪرو ٿيڻ لاءِ تيا?? آهن، هن ڀيري ??خالف ڌر جون ڪوششون ناڪام ٿينديون، ا??هن واپارين جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ وزيراعظم عمران خان آهي، مولانا فضل الرحمان جي سياست سياسي مفاد جي لاءِ آهي، ننهو منو سياستدان جيڪو اسان جي ٻولي نه ٿو ڳالهائي سگهي اهو اسان جا جذبا ۽ ڳالهه ڇا سمجهندو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي گذارش آهي ته بي اعتمادي جي رٿ کي جلد کان جلد ايوان ۾ آندو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن توانائي واري ??فاقي وزير حماد اظهر سان گڏ اسلام آباد ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چيو ته 1989ع ۾ پهريون ڀيرو جڏهن بي اعتمادي رٿ آندي وئي ان وقت نواز شريف جي آءِ جي آءِ هئي ۽ جي يو آءِ ان جو حصو هئي، ا?? وقت جيڪي نوٽن جون ٻوريون کوليون ويون ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪرڻ جي لاءِ جيڪي منڊيون ۽ ٻوليون لڳايون ويون انهي سان ئي ”ڇانگا مانگا جي سياست“ جي مشهور اصطلاح وجود ۾ آئي، پوءِ زرداري ??يدان ۾ لٿو ۽ هن پنهنجي مارڪيٽ کولي ڇڏي ۽ ماڻهن کي مريءَ کڻي ويو، خريد ۽ وڪرو ۽ ميمبرن جي ضميرن جي خريداري جي شروعات پاڪستان ۾ جن ٻن ماڻهن عروج تي پهچايو اهي نواز شريف ۽ زرداري ??ئا، هاڻي انهن بنهي گڏجي فيصلو ڪيو ته خريد ۽ وڪري جي پنهنجي ئي اسٽاڪ مارڪيٽ کولي ڇڏيون. هن چيو ته هاڻي جيڪا بي اعتمادي رٿ وزيراعظم جي خلاف آندي وئي آهي ان جو مقصد ئي اهو آهي ته ٻولي لڳايو، ميمبر کنڀيو ۽ ڇانگا مانگا کڻي وڃو، پر هاڻي انهن وٽ نه ئي ڇانگا مانگا آهي ۽ نه ئي ميمبر پنهنجا ضمير وڪرو ڪرڻ جي لاءِ تيا?? آهن. وفاقي وزير چيو ته 1989ع جي ان مشق جيترو نقصان پاڪستان جي اسيمبلي ۽ جمهوريت کي پهچايو اسان ان جو ازالو اڃا تائين نه ڪري سگهيا آهيون، ا??هي منڊي جا ٻه اهم مهرا ٻيهر اها اسٽاڪ مارڪيٽ کڻي آيا آهن ۽ هن ڀيري انهن جي ڪا ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي. انهن پئسن جي واپارين جي راهه ۾ ڪا رڪاوٽ ??هي ته اهو آهي عمران خان. 1989ع کان وٺي يا جڏهن کان انهن سياست شروع ڪئي زرداري ??جي يا نواز شريف ٻنهي جو هڪ ئي ماڊل رهيو آهي ته پئسا لڳايو ماڻهن کي خريد ڪيو ۽ حڪومت ۾ اچو ۽ پوءِ ملڪ کي ڦريو ۽ جيڪو پئسو لڳايو هو، ا?? کان ڊبل ڪمايو ۽ ملڪ کان ٻاهر هليا وڃو. هن چيو ته هي سياست جو اهو ماڊل آهي جنهن جي شروعات نواز شريف ۽ زرداري شروع ڪئي ۽ پوءِ ان ۾ مولانا فضل الرحمان جي انٽري ??ي جنهن اڳ ۾ 1993ع ۾ بينظير ڀٽو کان مفاد ورتا، ا?? کان اڳ ڊيزل جي پرمٽ جي ڪنهن کي ڄاڻ ئي نه هئي ته اها پرمٽ به هوندي آهي، فضل الرحمان ڊيزل پرمٽ وٺڻ شروع ڪئي. ان کانپوءِ هن ان وقت جي طاقتور ٻاهرئين طاقتن کان پئسا سڌوسنئون وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ مولانا فضل الرحمان جي هيڊ آفيس ڏسندا ته توهان کي خبر پئجي ويندي ته ڪهڙي ملڪ جي امداد سان اها ٺاهي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چيو ته انهي دوران هڪ ننهو منو ليڊر نَنهو مُنو مارچ کڻي اسلام آباد جي مٿان چڙهي آيو، ا?? تي حيرانگي آهي جيڪو بنيادي ڳالهه نه ٿو سمجهي سگهي ۽ هو اسان جي زبان ڳالهائي نه ٿو سگهي اهو اسان جا جذبا ۽ ڳالهه ٻولهه ڇا سمجهندو. هن چيو ته اها ته انهن جي غلط فهمي هئي، ا??ي جڏهن پنجاب ۾ داخل ٿيا ۽ پنجاب انهن جي منهن چماٽ هڻڻ شروع ڪيون. نديم افضل چن پي??لزپارٽي ۾ شموليت جي لاءِ ويو ته هڪ ڏينهن اڳ مون وٽ ??يو، مون چيو ته پي??لزپارٽي ۾ ڇو پي?? وڃي، جيڪڏهن ڪو سياسي فيصلو ڪرڻو آهي ته پي??لزپارٽي قطعي طور بهتر چوائس نه آهي. هن چيو ته پي??لزپارٽي جون جيڪي حالتون آهن جن ماڻهن جو ذاتي ووٽ ??ئنڪ به آهي، جڏهن انهن تي زرداري جو ٺپو لڳي ٿو ته 10 هزار ووٽ گهٽ ٿي وڃن ٿا. پي??لزپارٽي جي ڪير ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته سنڌ اين ايف سي جو پئسو ننهي مُني مارچ کي ڪامياب ڪرائڻ جي لاءِ پاڻي وانگر وهايو ويو، سرڪاري گاڏين تي بينرز ۽ جهنڊا لڳي رهيا هئا ۽ ايمبولينس تي بانس ٻڌل هئا. هن چيو ته 18 هين ترميم جي نالي تي عجيب تماشو لڳل آهي ته صوبن کان توهان پڇي نه ٿا سگهو ۽ صوبن ۾ اهڙي طرح پئسو ضايع ٿي رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن دنيا هڪ سنگين مالي بحران جو شڪا?? آهي، آمريڪي صدر جو بائيڊن اعلان ڪيو آهي ته هو روس کان تيل ۽ گئس به خريد نه ڪندا، ا?? کانپوءِ اهو عالمي مالياتي بحران وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو آهي. هن چيو ته اسان اهو سمجهون ٿا ته هن وقت هڪ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي گذارش ڪري رهيا آهيون ته بي اعتمادي رٿ کي ڊگهو نه لٽڪايو وڃي، ا?? کي جلد کان جلد ايوان ۾ کڻي اچو ڇو ته ملڪ هڪ ڊگهي بحران کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. چوڌري ??واد حسين چيو ته مخالف ڌر کي 172 ماڻهو شو ڪرڻا آهن، اسان جا 179 ماڻهو وزيراعظم عمران خان جي حمايت ڪن ٿا ۽ اميد آهي ته 5 کان وڌيڪ ٻين ميمبرن جي حمايت ملي ويندي جنهن کانپوءِ 184 کان وڌيڪ ماڻهو حمايت ۾ هوندا، مخالف ڌر 172 ماڻهو آڻي ۽ همت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪري ??يڊيا آڏو ئي آڻي ڇڏي ته جيئن خبر پئجي وڃي ته ڪير ڪٿي بيٺل آهي، جيڪو ووٽ ??وهان عوام کان وٺو ٿا اهو ڪنهن پارٽي ٽڪيٽ يا پارٽي ليڊر جي ڪري ??ٺو ٿا تنهن ڪري اها ٽڪيٽ پارٽي جي امانت آهي جيڪڏهن مخالف ڌر وٽ 172 ماڻهو آهن ته ميڊيا تي آڻي ۽ دير نه ڪري. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چيو ته جيڪا دڪان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي 3 ميمبرن جن ۾ ٻه عورتون به شامل آهن، ا??هن وزيراعظم کي صورتحال کان آگاهه ڪيو ته انهن کي 10، 10 ڪروڙ جي آفر ٿي آهي. گذريل ڏينهن به هڪ قومي اسيمبلي ميمبر ٻڌايو ته ان کي پئسن جي آڇ ڪئي وئي پر هن ان کان انڪار ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير چيو ته جيڪي واپاري اهڙي قسم جي سياست ڪري رهيا آهن اسان ان کي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته هاڻي اسان مخالف ڌر سان ڳالهه ٻولهه جي ڪوشش نه ڪري رهيا آهيون ڇو ته اسان اڳ ۾ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ۽ انهن کي چونڊ سڌارن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه جي آڇ ڪئي پر ڪير ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ تيار نه آهي، جڏهن انهن کي عزت راس نه آهي ته انهن سان ڳالهه ڪرڻ جو به ڪو فائدو نه آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست آهي ته فوري طور تي اجلاس گهرائي ۽ ان معاملي کي اڪلائي. ان موقعي تي توانائي واري ??فاقي وزير حماد اظهر پڻ معاشي صورتحال تي روشني وڌي.