اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏينهن جي تاريخي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ??زي?? مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني پڻ دوري ۾ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم عمران خ??ن ۽ روس جي صدر پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات هن دوري جو اهم ترين جز هوندو. وزيراعظم عمران خ??ن ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيراعظم عمران خ??ن سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري پڻ ملاقات ڪندا. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ملاقات ۾ روس پاڪستا?? لاڳاپن خ??ص طور تي توانائي جي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ ايندي. وزيراعظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرف?? لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. وزيراعظم عمران خ??ن ٻن ڏهاڪن کانپوءِ روس جو دورو ڪندڙ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي.