استنبول – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته حقيقي ترقي سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو نالو آه?? ۽ ان جا ??مر معاشري جي هيٺين طب??ي تائين پهچائڻ اڻٽر آه?? ته جيئن کين معاشي طور تي بااختيار بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پائيدار ترقي (ايس ڊي پي آءِ) بابت پاليسي اداري جي اهتمام هيٺ منعقد 24 هين پائيدار ترقي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي آن لائين خطاب ڪندي ڪيو. ايس ڊي پي آءِ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم چيو ته مسلمانن جي پهرين رياست جيڪا صحيح معنيٰ ۾ هڪ فلاحي رياست هئي ۽ ان ۾ غريبن، يتيمن ۽ بيواهن جو خيال رکيو ويندو هو، هن چيو ته اها رياست ترقي جو بهترين نمونو پيش ڪندي آه?? جنهن دنيا جي هڪ بهترين تهذيب جو بنياد رکيو. هن چيو ته هر اها قوم جيڪا رياست مديني جي نموني جي تقليد ڪندي، ان کي عروج حاصل ٿيندو جنهن جو بهترين مثال چين آه?? جنهن مختصر عرصي ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو. اهو مقصد ڪمزور طب??ن تي خرچ ڪرڻ ۽ شموليتي ترقي جي ذريعي حاصل ڪيو ويو. هن چيو ته ڪورونا وبا جي دوران اسان جي حڪومت تي مڪمل لاڪ ڊائون لڳائڻ جي حوالي سان سخت دٻاءُ هو پر اسان سمارٽ لاڪ ڊائون جو رستو اختيار ڪيو ته جيئن ماڻهن کي وبا کان بچائڻ سان گڏوگڏ ماڻهن کي روزگار ۽ معيشت کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته آئون ايس ڊي پي آءِ جو ٿورائتو آه??ان جنهن فوڊ سيڪيورٽي ڊيش بورڊ قائم ڪري حڪو??ت کي روز مره جي استعمال جي شين جي دستيابي تي نظر رکڻ ۾ مدد ڏني.