اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال جو جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پا??ان جاري بيان موجب اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئ??. اجلاس ۾ سريلن??ا جي شهري پريانٿا ڪمارا جي سيالڪوٽ ۾ ظالماڻي قتل تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته سانحي جي ذميوارن کي قا??ون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ذاتي طور تي ۽ جٿن جي صورت ۾ ڪنهن کي به قا??ون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ اهڙي قسم جي واقعن تي ڪا رعايت نه ڪئ?? ويندي. وڌيڪ ته اهڙي قسم جي واقعن جي خاتمي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي پڻ جوڙي ويندي ۽ ذميوارن کي سخت سزا يقيني بڻائي ويندي. اجلاس ۾ ملڪ عدنان جي بهادري کي پڻ ساراهيو ويو جنهن پنهنجي زندگي کي داءُ تي لڳائي پريانٿا ڪمارا کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئ??. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سريلن??ا جي شهري پريانٿا جي گهرڀاتين سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو.