اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اهم وفاقي وزيرن، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏن وزيرن سان گڏ آءِ ايس آءِ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ چيف آف ا??ئر اسٽاف ا??ئر چيف مارشل ظهير احمد بابر به ان موقعي تي موجود هئا. آءِ ايس آءِ جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سيڪريٽريٽ اچڻ تي سندن استقبال ڪيو. بيان موجب اجلاس ۾ اعليٰ قومي ۽ عسڪري قي??دت کي ملڪي سلامتي ۽ افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ خطي ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏ??ڻ لاءِ آءِ ايس آءِ جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو.