اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پاڪ فضائيه جو سي – 130 جهاز افغانستان جي عوام لاءِ امدادي سامان جي پهرين کيپ کڻي ڪابل پهچي ويو. اهو جهاز حامد ڪرزئي عالمي هوائي اڏي تي لٿو. افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان ۽ پبلڪ هيلٿ جي سينيئر آفيشل حاجي عمر امدادي سامان لاڳاپيل افغان عملدارن جي حوالي ڪيو جنهن ۾ اٽڪل 10 ٽن اٽو، ڏيڍ ٽن گيهه ۽ وڏي مقدار ۾ دوائون شامل آهن. هتي ملندڙ تفصيل موجب ان موقعي تي صحافين سان ??الهائيندي پاڪستان جي سفير منصور احمد خان ??يو ته پاڪستان پ??ران افغانستان جي لاءِ هنگامي امداد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. هي پهرين اڏام آهي جڏ??ن ته بي اڏام اڄ جمعي ڏينهن قنڌار ايندي جڏ??ن ته امدادي سامان جو هڪ وڏو خوست موڪليو ويندو ۽ اهو سلسلو هاڻي جاري رهندو. هن چيو ته پاڪستان جي سرڪاري ۽ نجي شعبي سان ??ڏوگڏ خيراتي اد??رن پ??ران خصوصي اڏامون ۽ طورخم چمن جي زميني رستن ذريعي پن امدادي سامان افغانستان آندو ويندو. هن چيو ته گذريل هڪومت جي وڃڻ کانپوءِ افغانستان ۾ يقيني طور تي مشڪل صورتحال درپيش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ هن وقت افغان عوام جي فوري ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ گهربل انتظامي ڍانچي جي حوالي سان عبوري سياسي سيٽ اپ قائم ڪيو ويو آهي. اسان اميد ڪريون ٿا ته اهو عبوري ڍانچو افغان عوام جي انساني، ترقياتي ۽ ٻين گورننس جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. جيستائين مستقبل جي فريم ورڪ جو تعلق آهي طالبان ??يو آهي ته اهي مستقل سيت اپ قائم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن جڏ??ن ته اهو بعد جو مرحلو آهي، هن وقت افغانستان ۾ انساني ۽ ترقياتي ضرورتون وڌيڪ اهم آهن. اسان عالمي برادري ۽ ٻين پ??ڙيسري ملڪن سان رابطي ۾ آهيون. پاڪستان افغانستان جي حوالي سان تعميري پاليسي اختيار ڪئي آهي ۽ ان جي ا??در??ني معاملن ۾ عدم مداخلت جي پاليسي تي سختي سان عمل پيرا آهي. پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪئي ويندڙ عالمي ڪوششن جو حصو رهيو آهي. ان ??انسواءِ پاڪستان افغانستان سان معاشي ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ سرگرم آهي. هن چيو ته افغان عوام پاڪستان پ??ران انساني همدردي جي بنياد تي معاونت ۽ ترقياتي ڪم تي ان جي ڪردار کي ساراهي ٿي.