اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??سد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان کي فضائي آلودگي کان پاڪ ڪرڻ ۽ شهرين کي رهڻ لاءِ صحت مند ماحول فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪلين گرين پروجيڪٽ ۽ بلين ٽريز سونامي جهڙا منصوبا ماحولياتي آلودگي کي روڪڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندا، پاڪستان ??ي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪري رهيو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر ??سد قيصر چيو ته عالمي د??يا جو اعتراف آهي ته پاڪستان ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ بهترين قدم ک??يا آهن، فضائي آلودگي هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي صوبائي ۽ مقامي سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ پارليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهيمت رکندڙ آهي، اسپيڪر چيو ته ڇو ته اهي پاليسي ساز آهن ۽ اهي ئي عملدرآمد جي سطح تي پاليسين جي جاچ پڙتال ڪن ٿا، پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) جو دسخطي هجڻ جي ناطي پاڪستان کي آلودگي کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي، پشاور ۽ ڪراچي جهڙن پاڪستان جي وڏن شهرن کي هر سال ڌنڌ درپيش هوندي آهي، جيڪو ناقص ه??ا جي معيار ۽ فضائي آلودگي ۾ اضافي جو سب?? بڻجي رهيو آهي، موجوده حڪومت ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ۽ بلين سونامي ٽريز منصوبي کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي.