اسلا?? آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فلسطيني عوام جي حقن ۽ انهن جي جائز جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جي عزم کي ورجايو آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ فلسطين جي صدر محمود عباس سان ٽيليفون تي ڳالهائي??دي ڪيو. وزيراعظم عمران خان فلسطيني صدر سان فلسطين جي موجوده صورتحال تي خ??الن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم مسجد اقصيٰ ۾ بيگناهه نمازين تي حملن ۽ غزه ۾ اسرائيل پاران فضائي حملن جي سخت مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت ڪيترائي شهري مارجي ويا. وزيراعظم فلسطيني صدر کي انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي اهڙي طرح جي خ??اف ورزين جي خ??اف عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو يقين ڏياريو.