اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عار?? علوي خصوصي ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ اليڪٽرڪ وهيل چيئرز، عضون، ۽ لاڳاپيل لوازمات تي ڪسٽم ڊيوٽي ??ان ڇوٽ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل معذوري واري ماڻهن کي هنرمند ۽ انهن جي ڪوٽا تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ا??سا??ي حقن واري وزارت جي سيڪريٽري اڪرام الله خان وزارت پاران ان ڏس ۾ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني. صد?? ڊاڪٽر عار?? علوي چيو ته گڏيل معذوري واري ماڻهن کي هنرمند ۽ انهن جي ڪوٽا تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو، خصوصي ماڻهن جي روزگار ۽ صحت جون ضرورتون ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي معاشرتي ۽ معاشي چئلينجز درپيش آهن، خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ حڪومت ۽ معاشري جي اجتماعي ذميداري آهي.