اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقياتي ۽ خصوصي ??دمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ نيشنل ڪمانڊ اي??ڊ آپريشن سين??ر ??ي اجلاس ۾ صوبن سان تعليمي ادارن ۾ صحت جي رهنما اصول?? تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو آهي، نيشنل ڪمانڊ اي??ڊ آپريشن سينٽر (اين سي او س??) جمعي ڏينهن صوبن کي هدايت ڪئي ته هو ويجهڙائي ۾ اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن کي ٻيهر کولڻ جي اعلان کان پهرين صحت کاتي طرفان جوڙيل صحت ۽ حفاظت جي رهنما اصولن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ متاثر ماڻهن جي رابطي جي نشاندهي ۽ انهن کي قرنطيه ڪرڻ جي قدمن کي وڌيڪ بهتر ڪري، وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اي?? سي او س?? جي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي هٿن کي ڌوئڻ جي انتطامن، مخصوص ٽيسٽنگ ۽ مائيڪرو ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون جي تازه ترين صورتحال ۽ تعليمي ادارن کي ٻيهر کولڻ جي حوالي سان منصوبابندي جي حوالي سا?? تياري?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.