??سل??م آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا وبا ۾ ڊا??ٽرز جي مشوري ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد مشڪل ڪم نه آهي، ايس او پيز تي عمل ٿيندو ته ڪاروبار به هلندو ۽ ماڻهو به صحتمند رهندا. ??سل??م آباد ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل سان گڏ اين آءِ ايڇ ۾ نئين تعمير ٿيل آئيسوليشن اينڊ اسپيشل ڊپارٽمينٽ سينٽر جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ڪورونا بابت صورتحال ۾ ترتيبوار بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته ??سل??م آباد ۾ 40 ڏينهن ۾ آئسوليشن اس??تا?? مڪمل ڪئي وئي آهي، اسان جون تياريون مڪمل آهن، ايندڙ هفتي وزيراعظم آئسوليشن اس??تا?? جو افتتاح ڪ??دو.