اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ان ڏس ۾ تجويز ڪيل قانون سازي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ هڪجهڙن موقعن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجي?? آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ اقليتي برادري جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ ميمبرن ۾ ??ئه پرڪاش، شنيله رٿ، لعل چند، رميش ڪمار ۽ جمشيد ٿامس شامل هئا، ان موقعي تي ??ذهبي معاملن وارو وفاقي وزير نور الحق قادري ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو قومي اسيمبلي ۾ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هئا.