ڪراچي – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ترقياتي منصوبن ۾ پرائيويٽ سيڪٽر کي حصيدار بڻائڻ چا??ي ٿي ته جيئن ترقي ۽ عوامي ڀلائي جو عمل گڏگڏ هلي، غربت ۾ گهٽتائي ۽ روزگار جا موقعا انهي وقت وڌي سگهن ٿا جڏهن سيڙپڪار حڪومت سان هٿ ۾ هٿ ملائي هلن، حڪومت ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ تي پورو ڌيان ڏئي رهي آهي، معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ معاشي انگ اکر بهتري ط??ف وڃي ??هيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مشهور ڪاروباري شخصيتن ۽ ??اپ??ري برادري جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو.