سڊني – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ڊاڪٽر ع??رف علوي سنجيده، ڏاهو ۽ نفيس شخصيت جو مالڪ آهي، سندس صدر چونڊجڻ وفاق جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي. جاري بيان ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڊاڪٽر ع??رف علوي تحريڪ انصاف جي باني اڳواڻن، علمي ۽ ديني گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، سندس چونڊ وفاقي ڌرين کي مضبوط بڻائيندي.