اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جون جي آخري هفتي ۾ معمول کان وڌيڪ برسات جي ا??ڪٿي تي فوري قدمن جي هدايت ڪندي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي صوبن ۽ ضلعي انتظاميا کي الرٽ ڪرڻ جي هدايت ??ئي آهي. پي ايم آفيس ميڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ??ئي ته موسميات کاتي جي ا??ڪٿي کي نظر ۾ رکندي ا??واٽ انتظام ڪ??ا وڃن. وزيراعظم چيو ته نشيبي علائقن ۽ وڌيڪ برساتن جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن ۾ هينئر کان ئي انتظام يقيني بڻا??ا وڃن. سندس چوڻ هو ته اڳواٽ حفاظتي انتظامن ?? امدادي ساز و سامان جي دستيابي جي لاءِ وقت سر قدم کن??ا وڃن. هن وفاق ۽ صوبن جي حصيداري سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم زرعي علائقن ۾ فصلن، چوپائي ما?? جي حفاظت ۽ نقصانن کان بچڻ جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته خطري جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن جي رهواسين کي وقت سر خبردار ڪيو وڃي، محفوظ جاين تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي، پاڻي جي نيڪالي، نالن ۽ پاڻي گذرگاهن جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اسپري جا انتظام ڪ??ا وڃن.