راولپنڊي-12 اپريل (اي پي پي) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ 79هين فارميشن ڪ??ان??ورز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ ڪور ڪ??ان??رز، پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ پاڪ فوج جي سمورن فارميشن ڪ??ان??رز شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي پيشوراڻي معاملن، قومي سلامتي جي درپيش چئلينجز ۽ روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي مُنهن ڏين لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف اُڀرندڙ چئلينجز کي مُنهن ڏين لاءِ فارميشنز جي آپريشنل تيا??ين ۽ ردعمل جي طريقيڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فورم سرحدن جي حفاظت ۽ عوام جي حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ آفيسرن ۽ جوانن جي عظيم قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. فورم ڪجهه حلقن طرفان پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ ۽ اداري ۽ معاشري وچ ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي تازي پروپيگنڊا مهم جو نوٽيس ورتو ?? قرار ڏنو ته پاڪستان جي قومي سلامتي مقدم آهي، پاڪ فوج ان جي حفاظت لاءِ ڪنهن به سمجهوتي کانسواءِ هميش?? رياستي ادارن سان گڏ بيٺل رهي آهي ۽ رهندي. فارميشن ڪ??ان??رز آئين ۽ قانون جي حڪمراني کي هر قيمت تي برقرار رکڻ جي عسڪري قيادت جي فيصلن تي ڀرپور ۽ مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. پاڪ فوج پنهنجي ذميوا??ين کان آگاهه آهي ۽ هر طرح جي حالتن ۾ سڀني اندروني ۽ ٻاه??ين خطرن خلاف پاڪستان جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياريءَ جو دفاع جاري رکندي.