اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي، ته ڊپٽي اس??يڪ?? جي رولنگ جو معاملو ??پريم ڪورٽ ۾ آهي، اميد آهي ته عدالت سڳوري اسان جي پارليامينٽ کي وکرجڻ کان بچائيندي. ??هڙ?? اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شيري رحمان چيو ته اسان اليڪشن کان ڀڄي ناهيون رهيا، سڀني جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن. عدالت سڳوري اس??يڪ?? جي رولنگ تي فوڪس رکيو آهي، اميد آهي ته عدالت سڳوري اسان پارليامان کي وکرجڻ کان بچائيند??. ا?? کان اڳ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مصدق ملڪ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يقين آهي ته عدالت سڳوري آئين جو ڳاٽ اونچو ڪندي.