اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پر??يهي وزيرن جي ڪائونسل جو افتتاحي سيشن پارليامينٽ هائوس ۾ شروع ٿيو جنهن جو موضوع اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ حصيداري آهي. افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ميمبر ملڪن جا پر??يهي وزير، غيرملڪي مهمان، نمائندا، پارليامينٽ ميمبر ۽ ميڊيا جا نمائندا پهتا. پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙ نمائندن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم عمران خان پڻ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ قومي اسيمبلي جي هال ۾ پهتو. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه، چيني پر??يهي وزير وانگ يي، سعودي عرب ج?? پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن سعود السعود، اسلامي ترقياتي بئنڪ جو صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر ۽ او آءِ سي پر??يهي وزيرن واري ڪائونسل جي 47 هين اجلاس جي لاءِ چيئرمين نائجيريا جو حسومي مسعود پڻ اسٽيج تي وزيراعظم سان گڏ موجود هئا. افتتاحي سيشن جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي جنهن ۾ مسلمانن جي صفن ۾ اتحاد ۽ الله تعاليٰ تي پڪو يقين رکڻ جي لاءِ الله تعاليٰ جي حڪمن تي روشني وڌي وئي. سيشن شروع ٿيندي ئي پاڪستان جو قومي ترانو وڄايو ويو. جڏهن ته ڪانفرنس ۾ مسلمان امت جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ ڏهاڪن جي ڊگهي جدوجهد تي ٻڌل او آءِ سي جي سفر جي مختصر وڊيو ڏيکاري وئي. جمهوريه نائجيريا جي پر??يهي وزير ۽ او آءِ سي پر??يهي وزيرن واري ڪائونسل جي 47 هين اجلاس جي چيئرمين حسومي مسعودو پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ انتهاپسندي ۽ اسلامو فوبيا جي شڪل ۾ امت کي درپيش چئلينجن تي سيمينارز ۽ ويبنارز منعقد ڪرڻ تي روشني وڌي. پنهنجي تقرير جي پڄاڻي کانپوءِ هن پاڪستان جي پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي 48 هين اجلاس جي صدارت باضابطا طور تي ڏيڻ جي دعوت ڏني. پر??يهي وزير پنهنجي تقرير ۾ ميمبر ملڪن جي اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو. سعودي عرب جي پر??يهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي ۽ او آءِ سي پر??يهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي صدارت سنڀالڻ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏني. سعودي پر??يهي افغانستان ۾ امن جي لاءِ ۽ افغانستان ۾ المناڪ انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ مسلمان ملڪن جي ڪردار تي روشني وڌي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه چي?? ته يوڪرين ۽ روس جي بحران سان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي معيشت تي سنگين اثر پئجي سگهن ٿا جيڪي دنيا جي آبادي جو 28 سيڪڙو ??هي. ڪانفرنس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو هڪ وڊيو پيغام هلايو ويو جنهن ۾ هن مسلمان دنيا تي امن ۽ انسانيت جي ترقي لاءِ اتحاد ۽ هم اهنگي کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. قازقستان جي پر??يهي وزير علائقائي گروپن پاران بيان ڏنو. تيونس جي پر??يهي وزير عثمان جيراندي عرب گروپ پاران هڪ لڳي 6 منٽن تي پنهنجي تقرير شروع ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي گڏيل دشمن آهن، جيڪي مسلمان ملڪن کي عدم استحڪام جو شڪار ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته اسان کي ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ ۽ پرامن رهڻ جي منصفاڻي مقصدن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.