اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس سفير مس??ود خان بابت ڀارتي م??ڊي?? جي بي بنياد ۽ من گهڙت پروپيگنڊا کي رد ڪندي چيو آهي ته مس??ود خان هڪ تجربيڪار ۽ سينئر سفارتڪار آهي، ڪشمير م??ڊي?? سروس موجب پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار سردار مس??ود خان جي آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير جي طور مقرري ۾ دير جي حوالي سان ڀارت جي ڪڌي پروپيگنڊا کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو معاملو آمريڪي انتظاميه سان اڳتي وڌي رهيو آهي ا?? سلسلي ۾ ڀارتي م??ڊي?? رپورٽس پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڀارتي مهم جو حصو آهن، مس??ود خان جي آمريڪا ۾ بطور سفير مقرري تي ڀارتي م??ڊي?? جي دعوائون جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ڀارتي م??ڊي?? رپورٽس، جعلي خبرن ۽ اسڪينڊل تي ٻڌل دعوائن ۽ بي بنياد الزامن جي ذريعي پاڪستان ۽ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙن کي بدنام ڪرڻ جي مهم جو حصو آهن. عاصم افتخار چيو ته سفير مس??ود خان انتهائي باصلاحيت سفارتڪار آهي ۽ هن کي گهڻ رخي ۽ ٻطرفي سفارتڪاري جو 40 سالن جو تجربو حاصل آهي، واضح رهي ته سردار مس??ود خان سفارتي خدمتن تان رٽائرمينٽ کانپوءِ آزاد ڪشمير جي صدر جي طور تي به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ هو ڀارت سان پراڻي تڪرار ڪشمير تي پاڪستان جو موقف اجاگر ڪندو رهندو آهي.