اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي ڦريندڙن سان مفاهمت ۽ ٺاهه ملڪ ۽ قوم سان غداري هوندي، پاڪستان جي معاشي واڌويجهه ڪورونا جي باوجود 5.37 سيڪڙو، روانگي واپار 31 ارب ڊالر جي رڪارڊ سطح تي آهي، مٽاسٽا جو ناڻو 30 ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي، ميڊيا ماڻهن کي اهو رخ ڏيکاري، مهانگائي عالمي مسئلو آهي جهڙي طرح ڪورونا مان نڪتا آهيون، مهانگائي به نڪرنداسين، مهانگائي جو سڀ کان وڌيڪ اثر پگهاردار طبقي تي پوي ٿو، وسيلا دستياب هجڻ تي ان??ن جي پگهارن ۾ اضافو ڪنداسين، جنهن معاشري ۾ قانون جي حڪمراني ختم ٿي اهو تباهه ٿي ويو، احتساب کي جهاد سمجهان ٿو، ملڪ جي ڪريمنل جسٽس سسٽم ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، بلدياتي چونڊن جي ايندڙ مرحلي ۾ ٽڪيٽن جي ورڇ ۽ اميدوارن جي اهليت پاڻ ڏسندس، وڏين گاڏين ۽ گهرن ۾ رهندڙ ٽيڪس ادا ڪن، پهريون ڀيرو پنجين تائين هڪ جهڙو تعليمي نصاب متعارف ڪرايو آهي، عوام بدعنوان سياستدانن جي لاءِ ٻاهر نه نڪرندي، عمران خان حڪومت کان ٻاهر نڪري بدعنوان ماڻهن جي لاءِ وڌيڪ خطرناڪ هوندو، نواز شريف جي وطن واپسي جو منتظر آهيان، قوم سان واعدي موجب ٽيڪس اوڳاڙيون 8 هزار ارب تائين کڻي وينداسين. ”توهان جو زيراعظم توهان سان گڏ“ ۾ سڌوسنئون عوام جي سوالن جا جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته سندس ڪوشش هئي ته هر مهيني، ٻن مهينن کانپوءِ اهڙي طرح فون تي عوام سان ڳالهه ڪريان ۽ توهان جي سوالن جا جواب ڏيان، مون پارليامينٽ ۾ سوالن جا جواب ڏيڻ چاهيا پئي پر اتي اين آر او گهرندڙ گوڙ ڪن ٿا، اتي ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان. هن چيو ته پاڪستان هڪ عظيم خواب جو نالو آهي، اهو اس??ن جي نظرياتي ليڊر علامه اقبال جو خواب هو ته اهڙي رياست بڻجي ته سڄي دنيا جا مسلمان ان کي ڏسي سمجهندا اسلامي فلاحي رياست ڪيئن هوندي آهي. هن چيو ته مون تازو ئي هڪ آرٽيڪل لکيو ته ان تي چيو ويو ته هي دين جي پٺيان لڪي رهيو آهي، مون کي الله سڀ ڪجهه ڏنو هو، مون کي سياست ۾ اچڻ جي ضرورت نه هئي، مون کي سياست ۾ اچڻ کان اڳ هر ڪو سڃاڻيندو هو پر ٻين سياستدانن کي سياست ۾ اچڻ کان اڳ ڪير به نه سڃاڻيندو هو، منهنجي سياست ۾ اچڻ جو مقصد اهو ئي هو جيڪو 25 سال اڳ پنهنجي منشور ۾ ڏنو جيڪو مقصد قرارداد مقاصد ۾ لکيل هو ته مديني جي اسلامي فلاحي رياست جي بنياد تي هڪ اسلامي فلاحي رياست ٺاهڻي آهي، مون ڪڏهن به ناهي چيو ته ملڪ کي ايشيائي ٽائيگر بڻائيندس. وزيراعظم چيو ته هندستان جي مسلمانن کي خبر هئي ته اهي پاڪستان جو حصو نه بڻجندا پر پوءِ به ان??ن قائداعظم جو ساٿ ڏنو، جنهن جي ڪري هي ملڪ ٺهيو هو، جيستائين اس??ن ان جي مقصد تي نه هلنداسين، ڪامياب نه ٿي سگهنداسين. مهانگائي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ ان??ارميشن ٽيڪنالاجي ۽ موبائيل جو زمانو آهي، آئون صبح جو هڪ ڪلاڪ ۾ سڄي ان??ارميشن حاصل ڪري وٺندو آهيان، مهانگائي مون کي ڪيترائي ڀيرا راتين جو جاڳائي ٿي، پر تمام گهڻو افسوس ٿئي ٿو ته جتي ان مقصد ۾ سٺا صحافي ۽ ماڻهن کي ملڪ جي صورتحال کان آگاهه ڪندڙ به آهن، اتي ڪيترائي صحافي عوام ۾ مايوسي پکيڙين ٿا، مهانگائي پوري دنيا جو مسئلو آهي، جڏهن اس??ن کي اقتدار ۾ مليو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر هو، ان لاءِ رپئي تي سڄو دٻاءُ هو، اس??ن وٽ ڊالر نه هئا جو مارڪيٽ ۾ اڇلائي رپئي جي قيمت ڪنٽرول ڪريون، مهانگائي جو هڪ سبب رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي هئي، ان جو ٻيو سبب ڪورونا جي ڪري پهچ ۾ گهٽتائي سان اها لهر آئي، ان سان اڪيلو پاڪستان متاثر نه آهي، برطانيا جي پاڪستان جي مقابلي ۾ ساليانو آمدني 50 سيڪڙو وڌيڪ آهي، اتي مهانگائي 30 سالن جي بلند ترين سطح تي آهي، ڪوويڊ دوران اس??ن عوام جي ڀلائي لاءِ 8 ارب ڊالر لڳايا جڏهن ته آمريڪا 6 هزار ارب ڊالر خرچ ڪيا، ان جي باوجود ڊبليو ايف پي جي رپورٽ موجب آمريڪا ۾ مهانگائي 40 سال، جاپان 20 سال، فرانس 13 سال، جرمني 30 سال ۽ يورپ ۾ 30 سالن جي بلند ترين سطح تي آهي، ڪئناڊا جهڙي خوشحال ملڪ جتي اس??ن جا ماڻهو ڪروڙين رپيا خرچ ڪري شهريت وٺن ٿا، اتي 40 سيڪڙو ماڻهن وٽ خوراڪ جا پئسا نه هجڻ جي فڪر آهي، اس??ن پنهنجي کاڄرو تيل جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ 75 سيڪڙو ٻاهران گهرايون ٿا، پام آئل جي قيمت ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو، ڀاڻ جي پيداوار گئس جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري متاثر ٿي آهي، اهو خوف دنيا ۾ موجود آهي ته ان سان خوراڪ جو بحران پيدا ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اس??ن چاهيون ٿا ته اس??ن جي ميڊيا اعتدال ۽ توازن رکي ۽ عوام کي اصل صورتحال ٻڌائي. وزيراعظم چيو ته ڪورونا جهڙو بحران 100 سالن ۾ به ناهي آيو، ان سان سڄي دنيا ۾ غربت وڌي، آمريڪا ۾ کاڌي جون شيون حاصل ڪندڙن جون لائينون لڳل آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي جو اثر پگهاردار طبقي تي آهي، اس??ن کي پگهاردار طبقي کي اوڳاڙيون وڌڻ تي ان??ن جي پگهارن ۾ اضافو ڪرڻو آهي، ان جي لاءِ صبر ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي، مزدورن، آبادگارن جون حالتون بهتر ٿيون آهن، آبادگارن جي آمدني ۾ 73 سيڪڙو اضافو ٿيو، چار وڏين فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي، پاڪستان ۾ هاڻي هنرمند ليبر نه ملي رهي آهي، ان??ن جون پگهارون 60 سيڪڙو وڌيون آهن، ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي تي احساس راشن ۾ اضافو ڪنداسين، ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ 980 ارب رپين جو رڪارڊ منافعو ٿيو، ان??ن کي چئون ٿا ته اهي پنهنجي مزدور طبقي جي پگهارن ۾ اضافو ڪن. صحت ڪارڊ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته صحت ڪارڊ پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ ان??لاب آڻيندو، هي هڪ پورو نظام آهي، ان سان ڳوٺاڻن علائقن ۾ اسپتالن جو ان??راسٽرڪچر ٺهندو، نجي شعبي کي اسپتالون ٺاهڻ جي لاءِ گهٽ قيمت تي سرڪاري زمين جي فراهمي جي هدايت ڪئي آهي، ان بابت اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ سوچيو هو ته الله موقعو ڏنو ته غريب کي علاج جي مفت سهولت فراهم ڪنداسين، صحت ڪارڊ جي ذريعي ڪنهن به اسپتال ۾ 10 لک رپين تائين علاج جي سهولت ميسر آهي، پنجاب ان تي 400 ارب رپيا لڳايا آهن، ماضي ۾ ڪنهن ان طرف نه سوچيو ڇو ته هتي اهي ماڻهو حڪمران هئا جيڪي پنهنجي ٽيسٽ ڪرائڻ لنڊن هليا ويندا هئا. وزيراعظم چيو ته جڏهن اس??ن جي حڪومت آئي ته ملڪ کي چار بحران درپيش هئا، ٻاهرئين قرضن جي واپسي جي لاءِ پئسا نه هجڻ جي ڪري پاڪستان ڊيفالٽ جي ويجهو هو، مالي خسارو رڪارڊ سطح تي هو، سرڪلر ڊيٽ 480 ارب رپين کان وڌي چڪو هو، جڏهن ته پاڪستان مان ڊالر افغانستان اسمگل ٿيڻ جي ڪري رپئي تي دٻاءُ هو، ان??ن چئن بحرانن جي باوجود شروع جو وقت ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ جو هو ۽ اس??ن ان ۾ ڪامياب رهياسين، پوءِ ڪورونا جي شڪل ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي وبا اچي وئي، ان مان نڪرڻ جي لاءِ حڪومتي ٽيم، اين سي او سي، فوج، صحت کاتي ۽ وزارتن گڏجي قدم کنيا، پاڪستان پاران کنيل قدمن جي ڪري پاڪستان کي دنيا جي ٽن سرفهرست ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، حڪومت جهڙي طرح ڪورونا بحران مان نڪتي، اهڙي طرح مهانگائي مان به نڪرندي. وزيراعظم عوام کي اپيل ڪئي ته اهي تيزي سان پکڙجندڙ ڪورونا جي پنجين لهر ۾ احتياط ڪن، ماسڪ ضرور پائين. هن واضح ڪيو ته اس??ن کي پنهنجو ڪاوبار بند ناهي ڪرڻو، مخالف ڌر ڪورونا جي شروع جي ٽن مهينن ۾ اسيمبلي فلور تي اس??ن جي پاليسي کي تنقيد جو نشانو بڻايو جڏهن ته اس??ن جي نيت جي ڪري دنيا ۾ اس??ن جو مثال ڏنو پيو وڃي، هاڻي برطانيا جتي تيزي سان ڪيسز ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ان جي وزيراعظم به اعلان ڪيو آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون نه لڳايو ويندو، دنيا ۾ ڪورونا سان امير ترين ماڻهن کي فائدو ٿيو ۽ ان??ن جي آمدني ۾ نمايان اضافو ٿيو جڏهن ته سڄي دنيا ۾ هيٺيون طبقو متاثر ٿيو. هن چيو ته عوام احتياط ڪري ته جيئن اسپتالن تي بار نه پوي، اس??ن پنجين لهر مان به نڪري وينداسين. صدارتي نظام جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون پنهنجي شروعاتي ڏينهن ۾ قوم کي خطاب ۾ چيو هو ته توهان کي وڏو گوڙ ملندو ته ملڪ تباهه ٿي ويو، جمهوريت کي خطرو ٿي ويو آهي، مون کي نااهل چيو ويندو پر اس??ن کي وڏن ڌاڙيلن سان ڪا مفاهمت ۽ ٺاهه ناهي ڪرڻو، آئون سياست ۾ آيو ئي ان??ن جي خلاف آهيان، آئون ان??ن ماڻهن ۾ شامل هئس جن کي سڀ ڪجهه مليو، مون کي اهڙن گهٽيا ماڻهن جون گاريون ٻڌڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي پر آئون ان کي جهاد سمجهان ٿو، مون کي خبر هئي ته ان??ن کي اين آر او جي لاءِ بليڪ ميل ڪرڻو آهي، ان??ن جي ورتل قرضن جي قسطن ۾ گڏ ڪيل ٽيڪس جو اڌ پئسو هليو وڃي ٿو، ان??ن 10 سالن ۾ بيدردي سان اهو پئسو وهايو، ان??ن جو نيب پنهنجو هو ۽ ان??ن کي اين آر او ملي ويو هو، ان??ن جي ڪوشش هئي ته مشرف وانگر مون کي به ايترو بليڪ ميل ڪندا ته آئون ان??ن کي اين آر او ڏئي چوندس ته هي قوم جو ڦريل پئسو رکو، پر آئون ان??ن سان مفاهمت ۽ ٺاهه کي سڀ کان وڏي غداري سمجهان ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي جي ڊي پي 5.37 سيڪڙو تي آهي، ڪورونا جي باوجود اهو اضافو آهي ته ڪيئن چئي سگهجي ٿو ته غربت ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو بئنڪون گهرن جي لاءِ گهٽ آمدني واري طبقي کي قرض ڏئي رهيون آهن، اس??ن ان??ن جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪيون، هن وقت 290 ارب رپين جي قرض لاءِ درخواستون بئنڪن کي مليون جن مان 123 ارب رپين جون درخواستون منظور ٿي چڪيون آهن، 40 ارب رپيا ڏنا ويا آهن، سرڪاري شعبي ۾ 45 هزار گهر ٺهي رهيا آهن جڏهن ته نجي شعبي جي 324 منصوبن ۾ 30 لک گهر ٺهي رهيا آهن، ان سان تعميرات جي شعبي ۾ واڌارو نمايان آهي. وزيراعظم چيو ته چانور، ڪڻڪ، مڪئي ۽ ڪمند جي رڪارڊ پيداوار سان ڳوٺاڻن علائقن جي هر آبادگار کي هڪ لک 65 هزار رپين جي اضافي آمدني ٿي، لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو، گاڏين، موٽرسائي??لن جي رڪارڊ پيداوار ٿي، ٽيڪس اوڳاڙيون 6 هزار ارب رپين تائين پهچڻ جي اميد آهي ۽ قوم سان ڪيل واعدي موجب ان کي 8 هزار ارب رپين تائين کڻي وينداسين. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي جو شعبو پاڪستان جو مستقبل آهي، پهريون ڀيرو ان جي روانگي واپار ۾ 47 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، پاڪستان جو روانگي واپار رڪارڊ 31 ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي جڏهن ته اهو به اڃا تمام گهٽ آهي، ان ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، مٽاسٽا جو ناڻو 30 ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته پروپئگنڊه ۽ جعلي خبرون پکيڙي ملڪ ۾ تباهي جون ڳالهيون ڪندڙ مافياز آهن، ان??ن جو رڳو هڪ مقصد آهي ته ان??ن جي ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن تي هٿ نه وڌو وڃي، مايوسي پکيڙڻ جي باوجود ورلڊ بئنڪ موجب پاڪستان جي واڌويجهه جي شرح 5.37 سيڪڙو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نوجوانن جي لاءِ اهو پيغام آهي ته اهي امر بالمعروف و نهي عن المنڪر جي حڪم تي عمل ڪن، مسلمان دنيا جي عظيم قوم ۽ دنيا جا امام ان??ي قانون تي هلي بڻيا، مديني جي رياست ۾ اڳ ۾ قانن جي حڪمراني آئي، پوءِ خوشحالي آئي، اس??ن جي معاشري ۾ سڀ کان وڏي خرابي اها ئي آهي هتي طاقتور جي لاءِ هڪ ۽ غريب جي ٻيو قانون آهي، قانون جي بالادستي ختم ٿي چڪي آهي، هن وقت جيلن ۾ ڪو طاقتور ڌاڙيل نه آهي. وزيراعظم چيو ته معاشرو بديءَ کي شڪست ڏيندو آهي، بدعنوان ماڻهن جي ان معاشري ۾ ڪا جڳهه نه آهي، ان??ن اڳ ۾ پنهنجا ٻار ٻاهر ڀڄائي ڇڏيا، ڪڏهن ائين ناهي ٿيو ته ٽي ڀيرا جي وزيراعظم جا پٽ ٻاهر ڀڳا هجن، منهنجي مٿان مخالف ڌر الزام هنيو ته مون 8 مهينن ۾ هڪ هڪ شيءَ جو جواب ڏنو پر ان??ن کي معاشري ۾ ائين پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي جهڙوڪ هي وڏا ڊيموڪريٽڪ آهن، مون کي چيو وڃي ٿو ته آئون اپوزيشن ليڊر سان نه ٿو ملان، آئون ان کي اپوزيشن ليڊر نه پر قوم جو ڏوهاري سمجهان ٿو، هي ايوان ۾ بيهي ڏيڍ، ڏيڍ ڪلاڪ تقرير ڪري ٿو جيڪا تقرير گهٽ ۽ نوڪري جي درخواست وڌيڪ هوندي آهي، ان کي 8 ارب رپين جي گهپلن جو نيب کي جواب ڏيڻو آهي، عدليه کي چوان ٿو ته اها روزاني جي بنياد تي ان جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪري، هو پنهنجي چپڙاسين جي نالي تي ڪروڙين رپيا اڪائونٽ ۾ موڪلڻ جو جواب نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته جڏهن اخلاقيات ختم ٿئي ته معاشرو تباهه ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته قوم کي قانون جي حڪمراني سان ئي خوشحال معاشرو ملي سگهي ٿو، جيڪو به معاشرو رحمت للعالمين ﷺ جي رستي تي هليو اتي برڪت آئي، هتي ناليوارا صحافي سزا يافته نواز شريف کي تقرير جو موقعو ڏيڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، ملڪ ۾ جيلن ۾ قيد ننڍن سزا يافته ماڻهن جو ڪهڙو ڏوهه آهي، ان??ن کي به ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته هو سڀني کي گڏ کڻي هلڻ لاءِ تيار آهي، ڪنهن سان منهنجو نظريو نه ٿو ملي ته ڪا ڳالهه نه آهي پر ڏوهارين کي اين آر او ڏيان يا مفاهمت ڪريان ته ان ملڪ ۽ معاشري سان غداري ڪندس. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ عدالتون آزاد، نيب آزاد آهي، اس??ن وائيٽ ڪالر ڪرائم جي خاتمي جي مهارت جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ڇو ته نيب کي گهربل ماڻهو وڏا وڏا وڪيل ڪري وٺن ٿا جيڪي تاريخن تي تاريخون وٺن ٿا پر ان جي مقابلي ۾ سرڪاري وڪيل ايترا ماهر ناهن هوندا. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ ججز کي اهي ماڻهو پئسا کارائيندا هئا، ان??ي لاءِ جسٽس کوسا ان??ن کي سسلين مافيا قرار ڏنو هو. وزيراعظم چيو ته هو احتساب کي جهاد سمجهي ٿو، اس??ن سڀني کي ان??ن جي خلاف گڏجي وڙهڻو آهي، 74 سالن کان ملڪ ۾ لاڳو ڪريمنل جسٽس سسٽم ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته هن ملڪ ۾ سياستدان ئي نه پر مافياز ويٺل آهن جيڪي گڏجي ذخيره اندوزي ڪري قيمتن ۾ اضافي جو سبب بڻجن ٿا، ان تي ٺاهيل ريگيوليٽري اٿارٽيون ان??ن کي ان سبب جي ڪري ڪنٽرول نه ڪري رهيون آهن جو اهي مافياز عدالتن کان منع ناما وٺي ڇڏين ٿا، هن وقت 800 منع ناما آهن، اڍائي سئو ارب رپيا اتي ڦاٿل آهن، ايف بي آر جا اڍائي هزار ارب رپين جا ڪيسز عدالت ۾ التوا هيٺ آهن. وزيراعظم چيو ته اس??ن عدالتن کي ان??ن جي جلد فيصلي جي اپيل ڪريون ٿا. هن چيو ته ڪمزور جي چوري سان نه پر ملڪ طاقتور جي چوري سان تباهه ٿين ٿا. هن چيو ته قوم کي ڪجهه مهينن ۾ ڪريمنل جسٽس سسٽم ۾ سڌارن جي خوشخبري ڏينداسين. وزيراعظم ڊينمارڪ ۾ پي آءِ اي جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ ان جي جاچ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني سٽيزن پورٽل تي پنهنجي مسئلن جي حوالي سان مون سان ڳالهه ڪن. خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ناڪامي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻئي مرحلي ۾ هو سمورا معاملا پنهنجي هٿ ۾ رکندو، جيڪڏهن ڪو پارٽي اڳواڻ پنهنجي ڪنهن رشتيدار کي ڊسٽرڪٽ يا تعلقي ناظم جو اميدوار بڻائڻ چاهي ٿو ته پنهنجي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي جي پليٽ فارم تان ان جي اهليت ڏسي فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جو ووٽ بئنڪ برقرار آهي جڏهن ته ٽڪيٽن جي ورڇ تي اختلافن جي ڪري پي ٽي آءِ جي اميدوار جي مقابلي ۾ پي ٽي آءِ جو ئي اميدوار بيهي رهيو. درآمد ٿيل موبائيلز تي وڌيڪ ٽيڪسن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اس??ن پنهنجي ملڪ ۾ شيون ٺاهڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، آئون پاڻ ٻاهر جا ڪپڙا ناهيان پائيندو، ماضي ۾ ملڪ کي امپورٽ ڪرڻ تي لڳايو ويو، ٻاهران موبائيل ڪمپنيون هتي اچي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي وٺي رهيون آهن، اس??ن ضمني مالياتي بجيٽ ۾ معيشت کي ڊاڪيومينٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان سان ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ٿيندو، 22 ڪروڙ جي ملڪ ۾ جيڪڏهن 22 لک ماڻهو ٽيڪس ڏيندا ته اهي باقي جو بار برداشت نه ٿا ڪري سگهن، پاڪستان ۾ ماڻهو دنيا ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس ڏين ٿا، جڏهن اس??ن ٽيڪس نه ڏينداسين ته ملڪ ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ پئسو ڪٿان ايندو، اس??ن ايف بي آر ۾ آٽوميشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم آڻي رهيا آهيون، ايف بي آر ۾ ويٺل ماڻهو پنهنجي مفادن جي لاءِ ائين ٿيڻ نه ڏيندا هئا. وزيراعظم چيو ته وڏن گهرن ۽ گاڏين وارن جا تفصيل وٺي رهيا آهيون، ان??ن کي هڪ ڀيرو موقعو ڏينداسين، اهي سموريون سهولتون وٺي رهيا آهن ۽ ٽيڪس نه ڏئي رهيا آهن ڇو ته ماضي ۾ اهڙن ماڻهن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي، هر شهري کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. هن چيو ته تعليم کي ماضي ۾ ايتري ترجيح نه ڏني وئي، تعليم کانسواءِ ڪو معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اس??ن 60 لک مستحق نوجوانن کي ميرٽ تي اسڪالرشپس ڏيڻ وڃي رهيا آهيون، ان تي 47 ارب رپيا خرچ ڪري رهيا آهيون، اس??ن ملڪ ۾ ٽي مختلف نصاب ختم ڪري پهريون ڀيرو مشاورت سان پنجين تائين هڪ جهڙو نصاب آندو آهي، ان سان عام ماڻهو کي مٿي اچڻ جو موقعو ملندو، پنهنجي ٻارن کي به سٺي تعليم ۽ ان??ن جي تربيت جي لاءِ اٺين کان ڏهين ڪلاس تائين نبي ﷺ جي سيرت پڙهائينداسين ته جيئن اهي ان??ن جي زندگي مان سکن، دنيا ۾ ان??ن کان وڏو ڪو انسان نه آيو. لانگ مارچ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر ٽن سالن ۾ ڪهڙو ڪم ناهي ڪيو، بيروزگار سياستدان حڪومت ڪيرائڻ جي ڳالهه ڪندو آهي، هن ملڪ ۾ عوام کي ذوالفقار علي ڀٽو ڪڍيو هو ۽ پوءِ الله جي ڪرم سان عوام مون سان گڏ نڪتي، 11 پارٽين جو گلدستو مينار پاڪستان نه ڀري سگهيو جڏهن ته مون چار ڀيرا اهو جلسي گاهه ڀريو، عوام مهانگائي کان ڀلي تنگ هجي پر اها ان??ن جي لاءِ نه نڪرندي، قوم ان??ن جي چوري بچائڻ نه نڪرندي، تحريڪ انصاف نه رڳو موجوده حڪومتي مدو پورو ڪندي پر ايندڙ 5 سال به حڪومت ڪندي، هاڻي ته اس??ن مشڪل وقت مان نڪتا آهيون. وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر ياد رکي آئون حڪومت کان ٻاهر نڪري ويس ته ان??ن جي لاءِ وڌيڪ خطرناڪ هوندس، آئون رستن تي نڪري آيس ته ان??ن جي لاءِ لڪڻ جي جڳهه نه هوندي، ماڻهو ان??ن کي سڃاڻي چڪا آهن، ماڻهن جي اندر ان??ن جي حڪومتن جو 30 سالن جو لاوو جيڪڏهن ڦاٽي پيو ته باقي به لنڊن ڀڄي ويندا، هڪڙو اڳ ۾ ئي ڀڳل آهي، اهو واپس اچڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، اس??ن دعا ڪريون ٿا ته هو واپس اچي، هو قوم جو پئسو ڦري ڀڄي ويو آهي، هو واپس نه ايندو، جيڪڏهن واپس اچڻ ۽ ڊيل جو شوشو نه ڇڏين ته ان??ن کي خبر آهي ته ان??ن جي پارٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي، ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ حساب ڏيڻ بدران چوي ٿو ته منهنجي پٽن کان پڇو جيڪي چون ٿا ته اهي پاڪستاني نه آهن، آئون ان جي پاڪستان اچڻ جو انتظار ڪري رهيو آهيان.