اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن پاران اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي خصوصي اجلاس ۾ کنيل قدمن تي عمل ڪندي اف??انستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ امدا?? جي اپيل جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن پاران جاري ڪ??ل خبر جو حوالو ڏيندي چيو ته آئون عالمي برادري کان اف??انستان ۾ انساني بحران کان بچڻ لاءِ امدا?? جي اپيل ڪري رهيو آهيان جتي ماڻهو 40 سالن جي تڪرارن جي ڪري شديد مشڪلاتن ??و شڪار آهن، واضح رهي ته گڏيل قومن اف??انستان لاءِ 2022ع ۾ پنج ارب ڊالر جي امدا?? جي اپيل ڪئي آهي جيڪا ڪنهن به هڪ ملڪ لاءِ انساني بحران روڪڻ لاءِ سڀ کان وڏي اپيل آهي، گڏيل قومن پاران ٻڌايو ويو ته 4 ارب 40 ڪروڙ ڊالر اف??انستان جي اندر جڏهن ته 62 ڪروڙ 30 لک ڊالر اف??انستان کان ٻاهر رهندڙن لاءِ گهربل آهن، اف??انستان جي اڌ آبادي کي هن وقت بک کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.