اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ سان دنيا ۾ اسان جي ساک بهتر ٿي آهي، دنيا افغانستان جي حوالي سان اسان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي، قانون جي حڪمراني ۽ ميرٽ جي بالادستي کانسواءِ ڪو ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني کي فروغ ڏيڻو آهي، پنهنجو پاڻ تي يقين سان اسان هڪ ڀيرو ٻيهر 1960ع جي ڏهاڪي وانگر تيزي سان ترقي جي سفر تي گامزن ٿينداسين، اسان جي ٽي سالا دور ۾ پاڪستان جي ساک بهتر ۽ عالمي رويا تبديل ٿيا. وزيراعظم عمران خان پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ افغانستان جي صورتحال تي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي گهٽ وقت ۾ ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي وزارت جي اسٽاف کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي تقري کي خطاب ڪندي چي?? ته پريهي وزارت اچڻ جو مقصد توهان کي مبارڪباد ڏيڻ هو جهڙي طرح توهان انتهائي مختصر نوٽيس ۾ او آءِ سي جي اجلاس کي ڪامياب بڻايو، پاڪستان ۾ ڊگهي عرصي کانپوءِ ڪو اهڙو ايونٽ ٿيو، جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اهو ايونٽ ٿئي ها ته آئون ان کي ايترو نه ساراهيان ها، اها مشق ايندڙ او آءِ سي جي اجلاس جي لاءِ اهم ثابت ٿيندي. وزيراعظم چي?? ته هر ملڪ جي تاريخ ۾ لاها چاڙها ايندا آ??ن جڏهن ته اسان پنهنجي ملڪ کي درپيش لاهن چاڙ??ن جو الزام ڪنهن ٻئي تي نه ٿا هڻي سگهون، اسان غيرملڪي امداد جي لاءِ پنهنجي ملڪ جي ساک کي داءُ تي لڳايو، پنهنجي عوام جي مفادن جي برخلاف پئسي جي لاءِ پرڏيهي پاليسي ٺاهي، دهشتگردي جي خلاف هڪ ڊگهي جنگ وڙهي جن??ن جو مقصد بدقسمتي سان ڊالر هو، جڏهن اسان اصولن کان هٽي اهڙي قسم جا فيصلا ڪنداسين، ماديت جي بنياد تي فيصلا ڪنداسين ته ان سان وقتي فائدو ٿيندو پر پوءِ نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چي?? ته ماضي ۾ ڪيل غلط فيصلن سان اسان پستيءَ جو شڪار ٿياسين. وزيراعظم چي?? ته اسان کي خوشي آهي ته ٽن سالن ۾ دنيا جو پاڪستان بابت رويو مختف رهيو، پاڪستان جي تاريخ ۾ جيتري قدر مالي خساري کي اسان جي حڪومت کي منهن ڏيڻو پيو شايد ئي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ان کي منهن ڏيڻو پيو هجي، ان کانپوءِ ڪورونا جو بحران آيو. وزيراعظم چي?? ته جتي اڄ پاڪستان بيٺل آهي ان جي ساک بهتر آهي، مشڪلاتون اڃا به آ??ن جڏهن ته ساک ۾ هاڻي بهتري آئي آهي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو ڪامياب اجلاس ان جو عڪاس آهي، پوري اسلامي دنيا اسان سان گڏ بيٺل آهي، ان ڪانفرنس جي ڪاميابي ۾ پرڏيهي وزارت جو وڏو ڪردار آهي، ان ڪانفرنس ۾ جيڪا قرارداد منظور ڪئي وئي ان سان اسان جا مقصد پورا ٿيا، او آءِ سي اجلاس ۾ سامهون ايندڙ موقف هاڻي عالمي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي، يورپي يونين ۽ گڏيل قومون به ان موقف جي تائيد ڪري رهيا آ??ن جڏهن ته ڪانگريس ميمبرن پاران لکيل خط اسان جي موقف جي تائيد آهي. وزيراعظم چي?? ته اسان جو اهو موقف آهي ته طالبان جي حڪومت ڪنهن کي پسند هجي يا نه هجي افغانستان جي چار ڪروڙ عوام جي زندگي متاثر ٿي رهي آهي جن??ن جو هاڻي دنيا اعتراف ڪيو آهي، جهڙي سطح جو انساني بحران جنم وٺي رهيو آهي ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جلد امداد جي ضرورت آهي. وزيراعظم چي?? ته اسان جي لاءِ افغانستان جو مسئلو رڳو اهو نه آهي ته افغانستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي پر پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ کان اسان جو ويجهو لاڳاپو آهي، هتي هڪ انساني بحران آهي جيڪو انسانن جو پيدا ڪيل آهي، هتي بئنڪ اڪائونٽس منجمند آهن. وزيراعظم چي?? ته جڏهن ڪا قوم پستي جو شڪار ٿئي ٿي ته ان جي خودداري متاثر ٿئي ٿي، پڪي يقين سان انسان ڪجهه به حاصل ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم چي?? ته سندس تربيت هڪ ٽيم جي شڪل ۾ ٿي، اسان دنيا جي وڏين ٽيمن سان مقابلو ڪيو، جڏهن ڪا ٽيم ڪامياب ٿيندي آهي ته ان ۾ پنهنجو پاڻ تي يقين جي قوت ان جو اثاثو هوندي آهي. وزيراعظم چي?? ته ڀارت اسان کان ڪيترائي ڀيرا وڏو ملڪ هو پر اسان جي دور ۾ اسان ان جي خلاف 24 ون ڊي کيڏيا جن مان 19 کٽيا، اها ڪاميابي ٽيم ورڪ جو نتيجو هئي. وزيراعظم چي?? ته هن ڪانفرنس جي ڪاميابي به ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، ان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو پڻ وڏو ڪردار آهي ڇ?? ته انهن سڀني کي پنهنجو پاڻ تي يقين ه?? ته اسان اهو ڪري سگهون ٿا، بطور قوم پنهنجو پاڻ تي يقين سان اسان ڪجهه به ڪري سگهون ٿا، اهو ئي سبب آهي جو اسان جي دور ۾ پاڪستان ورلڊ چيمپئن بڻيو، اسان شوڪت خانم اسپتال ٺاهي جيڪو هڪ معجزو هو جڏهن ته هاڻي ??ئي?? ۽ ٽئين اسپتال پڻ ٺهي رهي آهي. وزيراعظم چي?? ته زلزلي کانپوءِ پوري دنيا اسان جي مدد ڪئي پر جڏهن ٻوڏ آئي ته ان کانپوءِ سڄي دنيا مان پاڪستانين هڪ ٻئي جي مدد ڪئي. وزيراعظم چي?? ته ڪنهن دارومدار ڪرڻ سان پنهنجو پاڻ تي اعتماد گهٽ ٿي وڃي ٿو، پاڪستان 22 ڪروڙ هونهار ماڻ??ن جو ملڪ آهي جيڪو هڪ وڏي طاقت آهي، 90 لک ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني هر شعبي ۾ انتهائي قابل ۽ معياري ماڻهو آهن. وزيراعظم چي?? ته اسان کي پنهنجي ملڪ جو نظام ٺيڪ ڪرڻو آهي، قانون جي حڪمراني ۽ ميرٽ کڻي اچڻو آهي ڇ?? ته قانون جي حڪمراني کانسواءِ ڪو ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اشرافيه هن ملڪ جو نظام ڪنٽرول ۾ رکيو، دنيا ۾ غريب ملڪ وسيلن جي باوجود غريب ترين ٿي رهيا آ??ن جڏهن ته نيوزيلينڊ ۽ سوئيٽزرلينڊ وسيلا نه هجڻ جي باوجود رڳو قانون جي بالادستي سان خوشحال ترين ملڪ آهن. وزيراعظم چي?? ته اسان جي جدوجهد پنهنجي آبادي کي مٿي آڻڻ آهي، طبقاتي نظام تعليم هن ملڪ ۾ مختلف ڪلاسون پيدا ڪيون، هتي اشرافيه جي لاءِ ا??پتال، قانون ۽ انصاف جدا آهي. وزيراعظم چي?? ته ڪو ملڪ رات وچ ۾ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اسان ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آڻي ورتو هو پر کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ اضافي سان اسان کي ٻيهر اهو درپيش آهي، ڊالر جي گهٽتائي سان رپئي تي دٻاءُ وڌي ٿو. ن چي?? ته مونکي پوري اميد آهي ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر 1960ع جي ڏهاڪي ۾ جنهن رفتار سان ترقي ڪري رهيو هو انهي رفتار سان ترقي ڪندو. وزيراعظم چي?? ته سڄي دنيا ۾ پنهنجي سفيرن کي متحرڪ ڪنداسين ته جيئن اهي ٻاهرئين دنيا مان سيڙپڪاري پاڪستان آڻين.