اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته حڪومت خيبرپختونخوا ۾ سياحت ۽ زراعت جي شعبي مان ڀرپور فائدو کڻڻ ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي، گذريل سال پوري ملڪ مان سياحن جو رڪارڊ تعداد اترين علائقن ۽ خيبرپختونخوا جو رخ ڪيو، سياحت جي شعبي جي ترقي سان روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم عمر??ن خان س??ن خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر شهزاد بنگش ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخوا جي سياسي صورتحال ۽ سروس ڊليوري جي بهتري ل??ءِ حڪومت جي کنيل قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسوا??ِ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي سياحت جي فروغ ل??ءِ انفرااسٽرڪچر جي بهتري تي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني وئي. زيتون، زعفران، ٻير جي ماکي ۽ معدنيات جي حوالي سان صوبي جي قدرتي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لا??ِ صوبائي حڪومت جي قدمن ۽ انهن شعبن جي برآمدات وڌائڻ ل??ءِ کنيل قدمن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم منصوبن جي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.