اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??اڪ??تان مختلف مذهبن، ثقافتن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ امن ۽ آشتي ۽ هم آ??نگ?? جي فروغ لاءِ پنهنجون سموريون ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. اولهه اظهار راءِ جي آزادي جي غلط استعمال جي حوصلا افزائي نه ڪري، اسلام امن جو دين آهي، جيڪو تشدد ۽ انتهاپسندي کي قبول نٿو ڪري، ??ختلف تهذيبن جي گهواري جي طور تي ??اڪ??تان مختلف ثقافتن جو هڪ حس??ن اتحاد آهي. هو هتي عالمي بين المذاهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزير چيو ته انتهاپسندي، بالادست نظريات، تڪراررن ۽ پراڻن جهيڙن سان ويڇن ۽ ورهاست جو شڪار اڄ دنيا ۾ بين المذاهب هم آ??نگ?? نهايت اهم اهميت ۽ خاص حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي. هن چيو ته شرانگيز پروپيگنڊا جي باوجود دنيا ۾ اهو احساس وڌي رهيو آهي ته اسلام امن جو دين آهي جيڪو تشدد ۽ انتهاپسندي کي قبول نٿو ڪري ۽ نه ئي ان جي فروغ يا حوصلي افزائي جي ترغيب ڏي ٿو. اسلام نسلي برتري جي نظريات ۽ رنگ ۽ نسل جي بنياد تي امتيازات کي سختي سان رد ڪري ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته تهذيبن جي وچ ۾ حقيقي مڪالمي ۽ بين المذاهب هم آ??نگ?? جي اڄ اسان کي جيتري قدر ضرورت آهي شايد ان کان پهرين ڪڏهن نه هئي. پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان تحمل ۽ برداشت، هم آ??نگ?? ۽ اقليتن جي ثقافت ۽ قدرن جي احترام جي شاندار روايتن جو امين آهي، اسان جي قومي جهنڊي ۾ موجود سائو ۽ اڇو رنگ بين المذاهب هم آ??نگ?? جي روح جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اسان جي آئين ۾ ضمانت جي طور تي لکيل آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان صوفين جي ڌرتيءَ آهي جنهن انسانيت جي احترام، رحم دلي، ??مدردي ۽ ڀائيچاري جو پيغام هر طرف پکيڙيو. مختلف تهذيبن جي گهواري جي طور تي ??اڪ??تان مختلف ثقافتن جو هڪ حس??ن اتحاد آهي، ??رڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم جي تحمل ۽ برداشت ۽ بين المذاهب هم آ??نگ?? جي ويزن تي عمل پيرا ٿيندي، ??اڪ??تان سک ڀائرن جي لاءِ ڪرتار پور راهداري کولي، اهڙي طرح ٻين مذهبن جي مذهبي ماڳن جي تحفظ ۽ ڏڻن جي فروغ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ جاري رهنديون، پرڏييه وزير چيو ته حڪومت ??اڪ??تان جي سوچ ۽ ڪوششون انهن پاليسين ۽ قدمن کان قطئي برعڪس آهي جنهن تي ”بي جي پي“ جي نسپل پرست حڪومت، عمل پيرا آهي. اقليتن کان عام طور تي، ڪشميرين کان خاص طور تي ناروا سلوڪ ڀارت جي سيڪيولر جمهوري ملڪ هجڻ جي دعوائن جي نفي ڪري ٿو، دنيا کي ڀارتي حڪومت کي اهو احساس ڏيارڻو پوندو ته مسلمان ۽ ٻين اقليتن سان ٿيندڙ انهي نوعيت جي واقعن، علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سنگين خطرا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته ??اڪ??تان مختلف مذهبن، ثقافتن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ امن ۽ آشتي ۽ هم آ??نگ?? جي فروغ لاءِ پنهنجون سموريون ڪوسشون استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. ڪورونا جي عالمي وبا، اسان سڀني جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي موقعا فراهم ڪيا آهن، انهي سان اهو شعور بيدار ٿيو آهي ته تڪرارن ۽ عدم برداشت ترڪ ڪري هم آ??نگ?? ۽ تعاون کي فروغ ڏنو وڃي جيڪو بني نوع انسان جي بقا جي ڪليد آهي. هن چيو ته اولهه اظهار راءِ جي آزادي جي غلط استعمال جي حوصلا افزائي نه ڪري ۽ نه ئي اهڙن روين کان منهن موڙيو وڃي جنهن سان ٻه ارب جي لڳ ڀڳ مسلمانن جي جذبن کي شديد تڪليف پهچي ٿي، ??زيراعظم عمران خان اعلي ترين فورمز تي ان نيڪ مقصد کي پوري شدت ۽ قوت سان اجاگر ڪيو آهي، ??رڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته اسان جا عالم سڳورا ۽ مشائخ عظام، ??اڪ??تان جي اندر ۽ سڄي دنيا ۾ بين المذاهب هم آ??نگ?? جي فروغ ۾ حڪومت جا هٿ مضبوط ڪندا.