اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان والاريل ڪشمير جي عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جو حل خطي جي پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي، مسلمان امت پاران ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي مسلسل تائيد ساراهه جوڳي آهي، او آءِ سي، گڏيل قومن، عالمي تنظيمن ۽ ميڊيا نمائندن کي والاريل ڪشمير ۾ پهچ ڏني وڃي ته جيئن عالمي نمائندا والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي آزاداڻي تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪن، مسلمان امت اسلامو فوبيا سميت انتهاپسنداڻي نظرين جي چئ??ين?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڄم??ن ۽ ڪشمير بابت اسلامي تعاون تنظيم جي خصوصي نمائندي يوسف الدوبي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي انساني حقن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري طارق بخيت ۽ او آءِ سي جي وفد جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم عمران خان ڄم??ن ۽ ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ سي جي اصولي موقف جي اهميت ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ مسلمان امت جي پرعزم حمايت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم عمران خان ڀ??رت پاران غي??قا??وني طور تي والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪندي چيو ته والاريل علائقي ۾ 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجي مقرر آهن جيڪو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ عسڪري علائقو بڻجي ويو آهي. وزيراعظم ان ڳال??ه تي زور ڏنو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀ??رت جي غي??قا??وني ۽ هڪطرفي قدمن جو مقصد ڪشميرين کي راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غي??قا??وني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ آهي ته جيئن ان علائقي کي هندو اڪثريتي علائقي ۾ تبديل ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته اهي غي??قا??وني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانون بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌي سنئين خلاف ورزي آهي. وزيراعظم او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي ٻين تنظيمن کي عالمي ميڊيا کي ڀارت جي غي??قا??وني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير جو دورو ڪرڻ ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي آزاداڻي جاچ ۽ رپورٽنگ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀ??رت جي غي??قا??وني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انساني امداد ۽ مدد فراهم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم اسلامو فوبيا کي هوا ڏيندڙ انتهاپسنداڻي سياسي نظرين جي ڪري درپيش چئ??ين??ز جي خلاف اسلامي دنيا کي مضبوط اتحاد پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن عالمي تڪرارن ۽ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۽ فلسطين سميت پراڻن تڪرارن جي پرامن حل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄم??ن ۽ ڪشمير جي تڪرار جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ بنيادي شرط آهي.