اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ امن نه رڳو طالبان ??ر پوري خطي جي مفاد ۾ آ??ي، وزيراعظم عمران خا?? ۽ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف طالبان ۽ تاجڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، تاجڪستان جي صدر کي سڄي دنيا ۾ تاجڪ احترام ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، نئين افغان حڪومت ۾ تاجڪن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. افغانستان جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته تاجڪستان جي صدر وزيراعظم عمران خا?? سان ??لاقات دوران ??نهي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. طالبان سان ڳالهين جو اعلان تاريخي قدم آهي. هن چيو ته طالبان جي لاءِ انهن گروپن کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ آسان ??ه آهي جيڪي انهن سان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ??ڙهي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افعانستان جي مسئلن جو پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ انهن ٻنهي ڌڙن کي گڏ ملائڻ ضروري آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سماجي ۽ اقتصادي بحالي اهم عنصر آ??ي، تاجڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم عمران خا?? خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.