اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناروي ۽ پاڪست??ن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ناروي سيڙپڪاري، واپار ۽ ??رق??اتي تعاون لاءِ پاڪست??ن جو مضبوط حصيدار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ناروي جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪيجل گنار ايرڪسن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس هتي ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستا?? ۽ ??اروي جي گڏيل مفاد لاءِ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا امڪان موجود آهن، ناروي سيڙپڪاري، واپار ۽ ??رق??اتي تعاون لاءِ پاڪست??ن جو مضبوط حصيدار آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وڏي تعداد ۾ ناروي جي ڪمپنين جي موجودگي ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ واپاري لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي. سکر ۾ سولر پلانٽ جي تعمير جي لاءِ نظام انرجي ۽ نارويجن اسڪيٽڪ سولر جي وچ ۾ سهڪار مثبت اڳڀرائي آهي. منصوبي سان ناروي جي سيڙپڪارن کي پاڪست??ن جو ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ملندي. صدر ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمان آبادي جي خلاف ڀارتي ظلم تي به روشني وجهندي چيو ته عالمي برادري سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي ??ن جو خودمختياري وارو حق ڏيڻ جي پنهنجي واعدي تي عملدرآمد ڪرائي. صدر لاهور ۾ تاريخي ورثي جي بحالي ۽ تحفظ تي ناروي جي حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو. هن پاڪستان ۾ ناروي جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪيجل گنار ايرڪسن کي پنهنجو مدو مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سمورن شعبن ۾ سرڪاري سطح تي نجي شعبي ۾ رابطا قائم ڪري خاص طور تي معيشت ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ل??ڳاپن جي فروغ لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو.