ڪراچي – 24 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ گورنر هائوس ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر ۽ احتياطي تد??يرن تي عملدرآمد بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اساماعيل، وفاقي وزير اسد عمر، علي حيدي زيدي، سينيٽر سيف ا??له ابڙو ۽ قومي اسيمبلي ميمبر جئه پرڪاش، صوبائي اسيمبلي ميمبرن فردوس شميم نقوي، خرم شير زمان، حليم عادل شيخ ۽ بلال غفار سميت ٻيا پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر صدر کي ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر جي ڦهلاءُ، احتياطي تد??يرن جي لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن ۽ ويڪسين درآمد بابت تف??يلي بريفنگ ڏني.