اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ٽائمز هائير ايجوڪيشن تحت اڀرندڙ معيشتن جي يونيورسٽين ۾ 150 هين پوزيشن حاصل ڪرڻ عبدالول?? خان يونيورسٽي مردان جي هڪ واکاڻ جوڳي ڪاميابي آه??، يونيورسٽي جي پنهنجي قيام جي ٿوري عرصي ۾ اهو اعزاز حاصل ڪرڻ يونيورسٽي جي انتظاميه، استادن ۽ شاگردن جي شوق ۽ محنت جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عبدالول?? خان يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ظهور الحق ۽ سندس ٽيم سان هڪ ملاقات ۾ ڪيو. هن يونيورسٽي جي وائس چانسلر، استادن ۽ شاگردن کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد به ڏني. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته صنعتي ترقي ڪن??ن به قوم جي معاش?? خوشحالي ۽ ڪاميابي جي ڪنجي آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت قائم ٿيندڙ صنعتي منصوبن جي مڪمل فعال ٿيڻ سان پاڪستان خاص طور تي خيبرپختونخوا صوبو معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو. هن چيو ته ا?? سلسلي ۾ عبدالول?? خان يونيورسٽي جو ڪردار اهم هوندو. هن ملڪ کي درپيش معاشرتي، معاشي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي معاملن تي تحقيق جي فروغ لاءِ ريسرچ جي بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون ج?? خاطري ڪرائي.