اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته مريم صفدر ۽ مول??نا فضل الرحمان ته پارليامينٽ ميمبر ئي نه آهن انهن جي ڊيم??نڊ تي پارليامينٽرين ڪڏهن به استعيفيٰ نه ڏيندا، پاڪستان جم??وري ملڪ آهي ان ۾ جم??وري حڪومت کي جم??وري انداز سان ئي هٽائي سگهجي ٿو، ان جي لاءِ آئيني مدو مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو، تاريخ گواهه آهي ته جلسن جلوسن سان ڪا حڪومت ناهي وئي، جيڪڏهن ڪا حڪومت هلئي وئي ته جلسا جلوس ڪندڙن کي ڪجهه به نه مليو، عدالت کان ڀڄي ويندڙ شخص جي صاحبزاديءَ اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، مول??نا فضل الرحمان پوري سياست ۾ اسلام جي ڪهڙي خدمت ڪئي، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين هوندي ان مسئلي لاءِ ڇا ڪ??و؟ عمران خان دنيا ۾ ڪشمير مسئلي کي زندهه ڪيو، عالمي سطح تي اسلامو فوبيا کي بهتر انداز ۾ اٿاريو، مخالف ڌر جم??وري حڪومت کي هٽائڻ جي لاءِ هر غيرجمهوري طريقو اختيار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، سياسي پناهه وٺندڙن جو مقصد اقتدار ۾ ڪاروبار جي لاءِ اچڻ آهي. هو نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.