ديامير – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم ملڪ جي لاءِ اهم ترين منصوبو آهي، جتي ان ڊيم سان پاڻي ذخيرو ۽ بجلي ٺهندي اتي ان جي ڪري تربيلا ڊيم ج?? ڪارآمد مدي ۾ اضافو ٿيندو، روزگار جا موقعا ملندا ۽ معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ديامير ڀاشا ڊيم سائيٽ جي ??ور?? ۽ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڪيو. واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين وزيراعظم کي جاري ڪم ج?? حوالي سان بريفنگ ڏني.