اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پ?? پي) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل افتخار بابر چيو آهي ته ڀارتي پائليٽ اڀي نندن جي آزادي کي ڪنهن ٻي شيءَ سان جوڙڻ انته??ئي گهمراه ڪندڙ آهي، اها شيءَ ڪنهن به پاڪستاني لاءِ قابل قبول نه آهي، پلوامه ??اقعي ۾ ڀارت کي نه رڳو منهن جي کائڻي پئي پر پوري دنيا ۾ ??وا??ي به کنئي، دشمن جا جهاز جيڪو بارود پاڪستان جي عوام تي ڪيرائڻ آيو هئا اهي خالي جبلن تي اڇلي هليا ويا، پاڪستان اعلانيه هندستان کي ڏينهن جي روشني ۾ جواب ڏنو، دشمن جا 2 جهاز ڪيرايا، پائليٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪيو ويو، الله جي نصرت سان اسان کي هندستان ??ي خلاف واضح فتح نصيب ٿي ۽ پوري قوم جو سر فخر مان بلند ٿيو، پاڪستان جي فتح کي سڄي دنيا ۾ به تسليم ڪيو ويو. هو آءِ ايس پي آر ڊائريڪٽوريٽ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.