پاڪستان ۾ دل جي بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، دل جي مرض کان بچاءُ جي لاءِ جامع ڪوششون ڪرڻيون پونديون: صدر آصف علي زرداري

image

اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۾ دل جي بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي دل جي مرض کان بچاءُ جي لاءِ جامع ڪوششون ڪرڻيون پونديون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيال جو اظهار پاڪستان نيشنل هارٽ ايسوسيئيشن (پناهه) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ميجر جنرل (ر) مسعود الرحمان جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته دل جي مرض کان بچاءُ جي لاءِ ماڻهن ۾ صحتمند طرز زندگي بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر دل جي بيمارين ۾ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته دل جي مرض ۽ غيرمتعدي مرضن کان بچاءُ جي جامع پروگرام جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪاربونيٽيڊ ۽ مٺي شربتن ۾ کنڊ جي مقدار بابت هيلٿ ايڊوائيزري نمايان ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وفد جي سربراهه صدر کي دل جي بيمارين جي ڦهلاءُ جي روڪٿام، آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پناهه جي ڪردار بابت ٻڌايو. هن بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ته پناهه انجائنا ۽ هارٽ اٽيڪ جي ڪري ٿيندڙ موت روڪڻ، گهٽ ڪرڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. صدر صحتمند طرز زندگي جي فروغ ۾ پناهه جي ڪردار کي ساراهيو.

مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو