اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽاسڪ فورس براءِ ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز جي تحت انٽرنيٽ ??وٽنگ (آءِ ووٽنگ) بابت ذيلي ڪميٽي جي جوڙجڪ کي ساراهيو آهي. صدر چيو ته ان قدم سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ قابل اعتماد ۽ بنا خوف ۽ خطري جي ووٽ جو حق ا??ا ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ شفاف طريقيڪار جي ذريعي ووٽ جي رازداري کي برقرار رکڻ جي راهه هموار ٿيندي.